اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي صحت بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته صحت جو شعبو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت يونيورسل هيلٿ ڪوريج کي يقيني بڻائڻ لاءِ مؤثر قدم کڻي رهي آهي، صحت انصاف ڪارڊ حڪومت جو انقلابي پروگرام آهي. اهڙو اظهار هن اسٽيٽ لائيف جي وفاقي ۽ صوبائي پروگرام تحت تحفظ ٿيل خاندانن کي آسانيءَ سان صحت سهولت موبائل ايپ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. افتتاحي تقريب اسٽيٽ لائيف بلڊنگ ۾ منعقد ٿي. ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته پروگرام جو دائرو سڄي ملڪ تائين پکيڙيو آهي. هن چيو ته هن وقت ملڪ جي 90 ضلعن ۾ پروگرام ڪاميابيءَ سان جاري آهي، هن پروگرام تحت هيلٿ ڪارڊ سان مستفيد ٿيندڙ ماڻهو پنهنجو علاج پاڪستان جي بهترين 5 اسپتالن ۾ مفت ڪرائي سگهن ٿا. فاٽا، ٿرپارڪر، آزاد ڄمون ڪشمير، ڪي پي ڪي ۾ سمورن ماڻهن کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت موجود آهي.
