اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر پاران صدارتي نظام ۽ ارڙهين ترميم جي خاتمي وارين افواهن جي حڪومت پاران ترديد ڪريان ٿو، ڪا آل پارٽيز ڪانفرنس قانونسازي نٿي ڪري سگهي، پارليامينٽ جي بالادستي جي ڳالهه ڪريون ٿا ته پارلياماني ڪميٽين جو بائيڪاٽ ڪرڻ بدران ايوان ۾ اچن، حڪومت پهرين به سنجيده هئي ۽ اڄ به آهي، وزيراعظم عمران خان قانون جي بالادستي لاءِ ادارن کي مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، بجيٽ اڪثريت سان منظور ڪرائينداسين. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي ڳالهائيندي هن چيو ته 1984ع کان 2017ع تائين جو بجيٽ ٺاهيندڙن مان مفتاع اسماعيل کانسواءِ باقي سڀئي ملڪ ڇڏي ٻاهر هليا ويا آهن، شهباز شريف کي چيلهه ۾ سُور هو پر ان جي باوجود چار ڪلاڪن تائين هن قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪئي ۽ چئن ڏينهن تائين اٿ ويهه ڪندو رهيو، هن چيو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪورونا جو هو جنهن کي وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت بهترين طريقي سان حل ڪيو ويو، هن چيو ته هي اميرن جو نه پر غريبن جو بجيٽ آهي، ڳالهائڻ جي جاءِ هي اسيمبلي آهي، برطانيه جي اسيمبلي نه، جيڪڏهن اهي ٻاهران ڳالهائيندا ته اهڙن ڳالهائيندڙن کي پاڪستان جي عوام رد ڪندي، هن چيو ته اهو چيو ويو آهي ته هنگامو ٿيو ۽ اسپيڪر ڪجهه نه ڪيو جيتوڻيڪ اسپيڪر بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ۽ جڳهڙي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي.
206