216

جيڪڏهن کنڊ کڻي وڃڻ جو الزام ثابت ٿي وڃي ته ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيندس: مرتضيٰ جاويد عباسي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ۽ مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته جيڪڏهن مٿس يوٽيلٽي اسٽورز تان کنڊ کڻي وڃڻ جو الزام ثابت ٿي وڃي ته هو ايوان جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ذاتي وضاحت جي نقطي تي ڳالهائيندي هن صدارت ڪندڙ کان الزامن جي جاچ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن مٿس الزام ثابت ٿي ويو ته هو نه رڳو ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيندو پر سياست به ڇڏي ڏيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو