229

لاڙڪاڻو: سميع آباد پاڙي ۾ ٽن ٻارن جي پيءُ نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

 لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد سميع آباد پاڙي ۾ ٽن ٻارن جي پيءُ نوجوان گهرو معاملن تان ڪاوڙجي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو. لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد سميع آباد پاڙي ۾ ٽن ٻارن جي پيءُ 28 سالن جي نوجوان نويد پٽ غلام نبي جتوئي گهرو معاملي تان ڪاوڙجي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جنهن تي وارثن لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته ڪجهه سال اڳ به نويد پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن تي اسين کيس فوري طور اسپتال داخل ڪرايو ۽ اڄ ٻيهر هن پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن سندس جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو