149

عمران خان چيو هو ته چهرا نه نظام بدلائيندس پر عمران خان نظام جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت طرفان نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ جي دعويٰ ڪوڙي نڪتي، مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ مريم اورنگزيب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته موجود حڪومت جي ناڻي واري وزير ۽ چيئرمين ايف بي آر کي 4 ڀيرا تبديل ڪيو ويو. مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) 100 ڏينهن ۾ مديني جي رياست ٺاهڻ جي دعويٰ ڪئي هئي جيڪا هو وساري ويٺا، ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت وڌي وئي، مهانگي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو ۽ موجوده حڪومت ۾ بيروزگاري کان ماڻهو تنگ اچي چڪا آهن، (ن) ليگي اڳواڻ چيو ته ملڪ جي هر ماڻهو مٿان پوڻا 2 لک روپين جو قرض آهي، جڏهن ته 3 سالن ۾ 2 ڪروڙ ماڻهو غربت واري لڪير کان هيٺ هليا ويا، نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ جي دعويٰ به ڪوڙي نڪتي ۽ هاڻ موجوده حڪومت مان عوام کي ڪابه اميد نه آهي. هن چيو ته عمران خان چيو هو ته چهرا نه نظام بدلائيندس پر عمران خان نظام جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته اسان کي ڇو بجيٽ جون ڪاپيون هنيون ويون؟ اهي ڪاپيون بيروزگار ۽ غريبن جون رڙيون دٻائڻ جي لاءِ هنيون ويون. موجوده حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي پارليامينٽ ۽ اپوزيشن جو گلو گهٽيو ويو جنهن کي اسان ڪڏهن به نه وسارينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو