اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، فيصلي جي متن ۾ لکيل آهي ته آئين جو آرٽيڪل 69 قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي حڪم جاري ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ٿو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اميد ڪري ٿي ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر معاملي کي پاڻ ڏسندو. درخواست ڏيندڙ کي تڪ اين اي 206 سکر لاءِ بجيٽ سيشن ۾ موقف ڏيڻ جو حق ڏنو وڃي. فيصلي ۾ عدالت چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر تي مڪمل ڀروسو ڪري ٿي. خورشيد شاهه جو ڪوبه نمائندو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي درخواست ڏيڻ جو مجاز آهي. خورشيد شاهه طرفان عدالت ۾ ان جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏنا. عدالت چيو ته پروڊڪشن آرڊر بابت رول 108 جي تحت اختيار قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو آهي. عدالت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڪابه هدايت جاري نٿي ڪري سگهي. خورشيد شاهه چيوته آرٽيڪل 69 جي تحت پروسيڊنگ کان ڇوٽ جو معاملو ڊويزن بينچ جي سامهون آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته هن ڪورٽ واضح ڪيو آهي ته 108 جي اختيار خلاف رٽ جاري نٿي ٿي سگهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان اسپيڪر وٽ ويا آهيو؟ اوهان اپوزيشن اڳواڻ جي ذريعي معاملو اسپيڪر جي سامهون رکيو آهي؟، چيف جسٽس اطهر من الله وڌيڪ چيو ته عدالتي مداخلت سان پارليامينٽ جي توهين ٿيندي ان لاءِ آئين روڪيو آهي. اسان ان جي گهرائي ۾ نٿا وڃڻ چاهيون ڪورٽ کي پارليامينٽ جو احترام آهي.
116