190

جوهر ٽائون ڌماڪي کانپوءِ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ سرچ آپريشن، 10 کان وڌيڪ شڪي گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) جوهر ٽائون ڌماڪي جي 10 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان سي ٽي ڊي ذريعن موجب جوهر ٽائون ڌماڪي کان پوءِ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو ۽ ڌماڪي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سرچ آپريشن به جاري رهندو. رات دير تائين ڪيل سرچ آپريشن دوران 10 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان به هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪيو ويو جيڪو گوجرانوالا جو رهواسي آهي ۽ جهاز ذريعي لاهور کان ڪراچي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. شڪي شخص کي اڏام مان آف لوڊ ڪري حساس ادارن گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته مذڪوره شخص کي جاچ جي لاءِ نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي جتي ان کان ڌماڪي بابت پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي. سي ٽي ڊي ذريعن موجب ڌماڪي ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي بابو صابو چيڪ پوسٽ مان داخل ٿي هئي ۽ فوٽيج موجب گاڏي بابو صابو چيڪ پوسٽ تي گذريل ڏينهن صبح جو داخل ٿي بابو صابو ناڪي تي باقاده گاڏي جي چيڪنگ به ڪئي وئي. گاڏي جو پوليس پاران چيڪنگ جي باوجود ڌماڪي ۾ استعمال ٿيڻ سواليه نشان آهي.  هوڏانهن ذريعن موجب  جوهر ٽائون ڌماڪي ۾ 15 کان 20 ڪلو ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو