ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ غير مقامي ماڻهن جي ڪوڙا ڊوميسائل ٺهرائڻ واري معاملي ۾ سنڌ حڪومت 10 سالن دوران جاري ڪيا ويا ڊوميسائل ۽ پي آر سي جي نئين سر جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گهرو کاتي ڪمشنرز کي ڊوميسائل ۽ پي آر سي جاري ڪرڻ کان اڳ فيلڊ ويريفڪيشن جي هدايت ڪئي آهي ۽ گذريل ڏهن سالن ۾ ٺهيل ڪوڙا ڊوميسائيل ڪمشنرز جي ذريعي رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ جي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته 10 سالن دوران جاري ڪيل ڊوميسائل، پي آر سي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرائي ويندي، ڊوميسائل ۽ پي آر سي جاري ڪرڻ وارن قاعدن کي سخت ڪري ڇڏيو آهي.
218