113

ڪراچي جي صنعتن کي گئس فراهمي روڪي عمران خان ملڪي معيشت کي هڪ ٻيو ڌڪ رسايو: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي جي صنعتن کي سوئي گئس جي فراهمي روڪي عمران خان ملڪي معيشت کي هڪ ٻيو ڌڪ رسايو آهي. رپورٽ مطابق ڪراچي جي صنعتن لاءِ سوئي گئس جي فراهمي معطل ڪرڻ تي ردعمل ڏيندي پاڪستان پيپلز پارٽي  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو حيرت جي ڳالهه آهي ته سڄي ملڪ ۾ رڳو ڪراچي جي صنعتڪارن لاءِ گئس جي فراهمي بند ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته ڪراچي جي صنعتن کي گئس فراهمي روڪي عمران خان ملڪي معيشت کي هڪ ٻيو ڌڪ رسايو آهي، صنعتن لاءِ گئس فراهمي بند ڪري نه رڳو ملڪي برآمدن پر صنعتڪارن جي ساک کي به داءَ تي لڳايو ويو آهي، جڏهن ته آئيني طور گئس تي پهريون حق گئس پيدا ڪندڙ بلوچستان ۽ سنڌ جو آهي، سنڌ جي سڀني 14 گئس فيلڊز ۾ بحالي جو ڪم هڪ ئي وقت شروع ڪرڻ جي دعويٰ کانپوءِ ڪراچي جي صنعتن کي گئس فراهمي بند ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو