اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر خورشيد شاهه ۽ علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ گرفتار ٿيل قومي اسيمبلي جي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر اسپيڪر اسد قيصر جي حڪم تي جاري ڪيا آهن، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ٻنهي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر هلندڙ اجلاس جي لاءِ جاري ڪيا ويا آهن. ٻئي گرفتار ميمبر سومر 28 جون تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.
100