190

روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ سرمائيڪاري جي ماليت ڏيڍ ارب ڊالرن کان مٿي ٿي وئي : وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ سرمائيڪاري جي ماليت ڏيڍ ارب ڊالرن کان مٿي ٿي وئي آهي، وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽر تي هڪ بيان ۾  چيو ته اسٽيٽ بينڪ جي طرفان سٺي خبر آئي آهي ته روشن ڊيجيٽل پاڪستان اڪائونٽ ۾ پرڏيهه کان ڏيڍ ارب ڊالرن کان مٿي رقم جمع ٿي چڪي آهي، وزيراعظم چيو ته ٻه ڏينهن اڳ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ گڏيل سرمائيڪاري ڏيڍ ارب ڊالرن کان وڌي وئي آهي، 2 مهينا اڳ هڪ ارب ڊالرن جي رڪارڊ کان پوءِ اهو ٻيو وڏو رڪارڊ آهي، ان ۾ نئين پاڪستان سرٽيفڪيٽ ۾ هڪ ارب ڊالرن جي سرمائيڪاري ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ اسڪيم سمنڊ پار رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ آهي. هو آن لائن ڊيجيٽل پورٽلز ذريعي بنا ڪنهن برانچ جو دورو ڪرڻ کان سواءِ پاڪستان ۾ بينڪ اڪائونٽ کولي سگهن ٿا، وزيراعظم عمران خان 10 سيپٽمبر 2020 تي روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جو افتتاح ڪيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو