اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي ايم اين اي شازيه مري چيو آهي ته ڪنهن جو پيءُ به پاڪستان جي ايٽمي اثاثن کي ختم نٿو ڪري سگهي، پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي مسلم دنيا جو پهريون ايٽمي ملڪ بڻايو ۽ پاڪستاني قوم ايٽمي طاقت بڻجڻ جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون، شازيه مري جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو عمران خان کي سيڪيورٽي رسڪ نه چوي ته ٻيو ڇا چوي، عمران خان جو وس هلي ته هو ملڪ جا ايٽمي اثاثا مودي کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏي، هن وڌيڪ چيو آهي ته فواد چوڌري ۽ فرخ حبيب پنهنجي ليڊر جي ذهني ڪيفيت تي ماتم ڪن، پي ٽي آءِ وارن جو رڙيون ٻڌائين پيون ته عمران خان ٻڏي چڪو آهي ۽ بلاول اڀري رهيو آهي..
126