203

نمائندن جي نااهلي سبب کنڊر بڻيل بلڙي شاهه ڪريم

ليکڪ: علي حسن رند 

گذريل بلدياتي اليڪشن کان ھيستائين تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي عوام  کي ڪو به معياري  لاڀ نه ملي سگھيو آهي، ضلعي ٽنڊي محمد خان جي وڏي آبادي رکندڙ تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي آبادي 2 لک جي لڳ ڀڳ آهي، ھن تعلقي ۾ ٽوٽل يونين ڪائونسلون 13 آهن، بلڙي شاھ ڪريم جي مٿين ليول کان ھيٺين ليول تائين جا چونڊيل نمائيندا عوام کي آسرن کان سواءِ ڪجهھ به ناھن ڏئي سگھيا، صرف ڪجھه من پسند ماڻھن کي نوازيو ويو آهي، ھن وقت عوام پنھنجي نمائندگي لاءِ نون چھرن جي تلاش ۾ آهي ۽ غريب مسڪين عوام دعائون ٿو گھري ته ڪو مسيحا اچي جيڪو ھن تعلقي جي  مالڪي ڪري گذريل اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ۽ عوام جي ووٽ سان اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل عوام جي اميدن تي پورو ناھن لھي سگھيا جنھن جو اکين ڏٺو احوال ھن ريت آهي سوڀ سروي دوران ڄاڻ حاصل ڪئي وئي آهي ته  تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جو عوام صحت جي سھولتن کان مڪمل محروم آهي، بلڙي شاھ ڪريم ۾ وڏي اسپتال آهي جنھن کي اڃان تائين تعلقي جو درجو ناھي مليو، رورل ھيلٿ سينٽر تائين محدود آهي جنھن ۾ ڪي به معياري سھولتون ناھن، رورل ھيلٿ سينٽر ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ آهي، ليبارٽري ناھي، ايڪسري بند پيل آهي، ڊليوري معيار مطابق ناھي، رات جي وقت چوڪيدار کان سواءِ اسپتال ۾ ڪو به عملو ناھي ھوندو، حادثي جا ايندڙ ڌڪي به اسپتال جي گيٽ اڳيان تڙپيو تڙپيو مريو ٿا وڃن، پوسٽ مارٽم لاءِ به ڪي به جوڳا انتظام ناھن ٿيل، ايمبولينس به ھڪ آهي جيڪا پڻ ناڪارا آهي. تعلقي بلڙي شاھ ڪريم لاءِ تيل ۽ گيس جا فنڊ به ناھن ملي سگھيا، تيل ۽ گيس جا فنڊ ڊي سي ٽنڊو محمد خان جي اڪائونٽ ۾ وڃن ٿا پر عوامي ڀلائي لاءِ ڪٿي به خرچ ناھن ڪيا ويا، ڪارو گونگڙو سم نالو جيڪو ھر برساتن جي موسم ۾ وڏي تباھي آڻي ٿو ان جي کاٽي ناھي ٿي سگھي، ڪاري گونگڙي سم نالي جي کاٽي لاءِ بجيٽ به اچي ٿي پر ڪرپشن جي ور چڙھيو وڃي، کورواھ بلڙي شاھ ڪريم روڊ مٿان گزرندڙ سم نالي واري موري جا ٻئي پاسا ٽٽي ڪري پيا آهن ۽ موري جي وچ ۾ ٽي وڏا کڏا پئجي ويا آهن، گاڏين جو اچڻ وڃڻ به بند ٿي ويو آهي، بدين، سجاول ۽ مختلف ننڊن وڏن شھرن ۽ ھزارين ڳوٺن جا رابطا ڪٽجي ويا آهن پر ھن اھم مسئلي تي ڪنھن به ڌيان ناھي ڏنو، بلڙي شاھ ڪريم شھر جو ڊرنيج سسٽم صدين کان ناڪارا پيل آهي، پر پبلڪ ھيلٿ ڊپارٽمنٽ ڪنھن به قسم جو ڌيان ناھي ڏنو، شھر بلڙي شاھ ڪريم ۾ صاف پاڻي وارا فلٽر پلانٽ به ناڪارا پيل آهن، شھري صاف پاڻي کان مڪمل محروم آهن، بلڙي شاھ ڪريم ۾ لڳل واٽر سپلاءِ اسڪيم جيڪا 28 سالن کان ناڪارا پيل آهي ان مان شھرين کي ھڪ ڦڙو به پاڻي جو نصيب نٿو  ٿئي، بلڙي شاھ ڪريم جي مختلف واھن شورڪي واھه، کرياڙي شاخ، بلڙي شاخ، گنج بحر واھه، ڊھٽ شاخ ۽ ٻين شاخن جي کاٽي ناھي ٿي سگھي، کورواھ- بلڙي شاھ ڪريم روڊ ٽٽي تباھ ٿي ويو آهي پر اڃان تائين مرمت ناھي ٿي روڊ ۾ وڏا کڏا پئجي ويا آهن، مسافر گاڏيون ھلڻ به بند ٿي ويون آهن، عوام سخت پريشان آهي، ابڙال روڊ جي پڻ حالت رحم جوڳي آهي، بلڙي شاھه ڪريم شھر جو ڊگري ڪاليج به مڪمل ناھي ٿي سگھيو، ڪافي تعلقي جا سرڪاري اسڪول زبون حالي جو شڪار آهي پر ڪير به تعليم واري مسئلي تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناھي، حضرت شاھه عبدالڪريم بلڙي واري جي درگاھ جا ٽي ڪروڙ منظور ٿيا پر درگاھه جو مرمتي ڪم رولڙي جو شڪار آهي، مختلف مزارون زبون حالي جو شڪار آهن، بلڙي شاھه ڪريم جو تاريخي قبرستان موالين، گڏھن ۽ ڪتن جو آستانو ٿي ويو آهي ۽ صفائي نه ٿيڻ ڪري قبرستان ۾ بدبو ٿي چڪي آهي، بلڙي شاھ ڪريم جي ٽنڊو محمد خان ۽ سجاول مين روڊ جي حالت پڻ خراب ٿي چڪي آهي، روڊ جي ٻنھي پاسن کان جھنگ وڌي آيو آهي، بيلدار گھر ويٺي پگھارون پيا کڻن ڪير پڇڻ وارو ناھي، بلڙي شاھ ڪريم تعلقي جا ڪافي صحت مرڪز لاوارث پيل آهن، ڪي به سھولتون ناھن، غريب عوام سخت پريشان ۽ مايوس آهي پر ڪير به انھن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھتي جي عوام جي مالڪي ته ٺھيو پر ھنن جي اھم بنيادي مسئلن کي حل ڪرائڻ ۾ به ھتي جا چونڊيل نمائندا ناڪام ويا آهن، ايندڙ اليڪشن ۾ عوام نئين چھري جي تلاش ۾ آهي، عوام پارٽي ساڳي کي ووٽ ڏيڻ پسند ڪيو آهي پر موجوده چونڊيل نمائندن کان بيزاري ڏيکاري ڇڏي آهي حڪومت سنڌ سميت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي گھرجي ته نوٽيس وٺي عوام جي سار لھي جئين ھو مايوسي مان نڪري سگھن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو