125

پرڏيهي پاليسي ۾ وڌندڙ بلنڊر ۽ ملڪ جي اميج جو سوال…؟؟

ليکڪ: سليم صافي

ائين نه آهي ته هو سمجهدار نه آهي، يا پرڏيهي پاليسي جي نزاڪتن کي نٿو سمجهي، هو ذهين پيءُ جو ذهين پٽ آهي، پي ٽي آءِ جي ٻين حادثاتي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ وزير مشير بڻجندڙن جهڙو ناديده نه آهي پر سندس والد مخدوم سجاد حسين قريشي جنرل ضياءَ جي دور ۾ گورنر هو ۽ ائين حڪمراني جي رمزن بابت هو جواني جي دور کان بخوبي واقف آهي، مسلم ليگ (ن) سان به حڪومت ۾ رهيو، آصف علي زرداري جي حڪومت جا مزا به لٽيائين ۽ هاڻ عمران خان جو پرڏيهي وزير آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته هو جنهن پارٽي ۾ به رهيو، مستقل حڪمران رهندڙن جي ڪئمپ ۾ رهيو، ان ڪري اهو هرگز نه آهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي حڪمراني يا پرڏيهي پاليسيءَ جي نزاڪتن کي نٿو سمجهي، هو سياست کي به خوب سمجهي ٿو ۽ سفارتڪاري کي به پر هن ڀيري هو پاڪستان جي تاريخ جو ناڪام ترين پرڏيهي وزير ثابت ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. پرڏيهي پاليسي کي ٺاهڻ ۽ هلائڻ سان جنهن قدر موجوده دور ۾ پرڏيهي وزارت لاتعلق آهي، شايد اڳ به ڪڏهن به ائين نه هئي ۽ جيترا به سفارتي بلينڊرز موجوده دور ۾ ٿي رهيا آهن انهن پرڏيهي محاذ تي پاڪستان کي ڪٿي جو به ناهي ڇڏيو، سبب قريشي صاحب جي تجربيڪاري يا ناسمجهي نه پر ان جي شخصيت جا مسئلا ۽ عمران خان سندس عجيب ۽ غريب تعلق آهي. شاهه محمود قريشي ۽ عمران خان جو سياسي نظريو هڪ نه آهي، عمران خان 2002ع ۾ کيس پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني هئي، پر ان جو جواب اهو هو ته هو هن جهڙي ماڻهو کي قائد مڃي ئي نٿو سگهي، عمران خان جي دل ۾ اها ڳالهه يقينن هوندي، پوءِ خان صاحب به اهو ڄاڻي ٿو ته قريشي صاحب ڪنهن نظرياتي يا شخصي هڪجهڙائي جي ڪري ان وٽ نه آيو آهي، پر کيس جهانگير ترين ۽ اسد عمر وغيره سان ان وٽ آندو ويو هو.قريشي صاحب پي ٽي آءِ جي ڦوڪڻي ۾ هوا ڀرڻ وارن جي چوڻ تي ان اميد تي شامل ٿيو هو ته کيس پنجاب جو وزيراعليٰ بڻايو ويندو پر صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي شڪست جي ڪري سندس اها آرزو پوري نه ٿي ۽ ائين هن پرڏيهي وزير جو منصب باامر مجبوري قبول ڪري ورتو، قريشي صاحب پهرئين ڏينهن کان وٺي انهن ماڻهن تي ڀاڙي ٿو جيڪي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ٺاهين ۽ هلائي ٿا، ٻئي طرف شروع ۾ ڪجهه سرگرمين جي ڪري عمران خان جي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهي وئي ته هو ان جو متبادل ٿيڻ چاهي ٿو. هو جيئن ته هڪ ئي وقت ان خواهش کي عملي جامو پارائڻ لاءِ پردي پويان سرگرم رهي ٿو، ان ڪري هر وقت عمران خان کي اهو باور ڪرائڻو هوندو آهي ته هو ان جو وفادار آهي ۽ اهو ته هو ان جو متبادل ٿيڻ نٿو چاهي، ان لاءِ کيس خان صاحب جي حد کان وڌيڪ خوشامد ڪرڻي پوي ٿي، هتي آئون ان جي شخصي ڪنفيوزن ۽ تضادن کي واضح ڪرڻ لاءِ ڪجهه مثال ڏيان ٿو. جڏهن عمران خان اسيمبلي جي فلور تي اساما بن لادن کي شهيد چيو ته پرڏيهي وزير جي طور تي شاهه محمود قريشي جو اهو فرض ٿيو ٿي ته کيس سمجهائي ته هي ڪيڏو وڏو بلينڊر آهي ۽ اهو ته سفارتي محاذ تي ان جي پاڪستان کي ڪيتري ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئجي سگهي ٿي پر هو خاموش رهيو،  ڪابينا ۾ ڪجهه ٻين وزيرن عمران خان جو ان طرف ڌيان ڏياريو ۽ مشورو ڏنو ته ان جي وضاحت ٿيڻ گهرجي پر هن چيو ته ان معاملي کي اهڙي طرح مبهم رکڻ گهرجي. جيتوڻيڪ پوءِ ڪچن ڪيبنيٽ سان بيٺڪ ۾ هن چيو ته ڪجهه طاقتور ماڻهو آپي کان ٻاهر ٿي رهيا هئا، ان ڪري هو اساما کي شهيد چئي انهن کي سندن اوقات ياد ڏيارڻ چاهي رهيو هو، ان پوري معاملي ۾ عمران خان جي ناراضگي کان بچڻ لاءِ قريشي صاحب خاموش رهيو، هاڻ جڏهن پاڻ ان کان افغان ٽي وي جي انٽرويو ان بابت سوال ڪيو ويو ته هو چوڻ جي پوزيشن ۾ نه هو، جنهن جي ڪري سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي گهٽتائي ٿي، ظاهر آهي هو عمران خان وانگر ان کي شهيد چوي ها ته وڌيڪ نقصان ٿئي ها ۽ پاڪستاني رياست جي روايتي موقف جي مطابق ابتي راءِ ڏئي ها ته عمران خان ناراض ٿئي ها. حقيقت اها آهي ته عمران خان پرڏيهي پاليسي جي نزاڪتن کان بلڪل واقف نه آهي، آمريڪا جي دوري دوران جيئن ته هو وزيراعظم ڪرائڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو آمريڪي صدر سان ملي رهيو هو، ان ڪري هو ٿورڙو جذباتي به هو، عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان مودي جي ارادن جو به غلط اندازو لڳايو ۽ ٽرمپ جي ڪردار جو به، اهو شاهه محمود قريشي جو فرض هو ته هو عمران خان ۽ ٻين عملدارن کي تنبيهه ڪري ها پر هو به عمران خان وانگر آمريڪا جي دوري جو جشن ملهائڻ ۾ شامل ٿي ويو، نتيجو اهو نڪتو ته مودي والاريل ڪشمير هڙپ ڪري ورتو ۽ ڊونلڊ ٽرمپ ان جي خاموش سرپرستي ڪئي. افسوسناڪ امر اهو آهي ته پي ٽي آءِ جي ٻين ماڻهن کي ڏسندي هن ڀيري شاهه محمود قريشي پرڏيهي معاملن ۾ به سياسي ڊرامي بازي کڻي آيو آهي، مثال طور فلسطين ۾ جنگبندي ڪرائي آمريڪا، مصر ۽ قطر پر ملتان ۾ جشن ملهايو قريشي صاحب، سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته قريشي صاحب ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزير جو اقوام متحده وڃڻ ۽ اتي تقرير ڪرڻ صرف خانا پوري هئي. پر پاڪستان واپسي تي قريشي صاحب ملتان ۾ پنهنجي حق صلاح الدين ايوبي ثاني جا بينرز لڳرايا ۽ اهڙو تاثر ڏنو ڄڻ هو ڪشمير ۽ فلسطين فتح ڪري موٽيو آهي، سوال اهو آهي ته ڇا ترڪي واپس موٽڻ کانپوءِ اتان جي پرڏيهي وزير اهڙو ڪو ڊرامو ڪيو؟ افغان نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر حمد الله محب جي پاڪستان خلاف ارهه زورائي تي قريشي صاحب ٻه ٽي ڏينهن تائين خاموش رهيو، پوءِ جڏهن طاقتور حلقن طرفان جواب ڏيڻ جو فيصلو ٿيو ته قريشي صاحب ملتان جي جلسي ۾ جواب ڏنو. پرڏيهي لاڳاپن جي پنهنجي زبان هوندي آهي پر قريشي صاحب جلسي ۾ جلسن واري زبان استعمال ڪئي، اهڙي طرح جا ٻيا به درجنين مثال ڏئي سگهجن ٿا پر ڪالم جو تنگ دامن وڌيڪ تحرير ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي، ان ڪري پاڪستان کي وڌيڪ سفارتي بلينڊرن کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته قريشي صاحب آڏو لڪير ڇڪي وڃي ته هو پرڏيهي وزير جي طور تي صرف پنهنجين ذميوارين تي ڌيان ڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو