ليکڪ: نوربرٽو پريديس
گذريل ڪجهه سالن ۾ چين بلقان کتي ۾ هڪ اهم ڪردار بڻجي اڀريو آهي، بلقان جو خطو تاريخي طور تي يورپ ۽ آمريڪا جي اثر هيٺ رهيو آهي، ماضي ۾ ان پهاڙي خطي جي گهڻن ملڪن مغربي يورپ تائين چين جي نئين ريشم شاهراهه جي مک دروازي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، چين جي نئين ريشم شاهراهه جو منصوبو 5 کنڊن تي پکڙيل انفرااسٽرڪچر منصوبن جو هڪ نهايت پرعزم منصوبو آهي، پر تازو ئي 2 ڪروڙ 80 لک آبادي واري ملڪ لٿوانيا چين مٿان سنگين الزام هڻندي پاڻ کي ان فورم کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي ان سبب عددي اعتبار سان هي معاملو 16 پلس ون تي بيٺل آهي، لٿوانيا جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ ان ۾ هاڻ البانيا، بوسنيا ۽ هرزيگوينا، بلغاريا، ڪروشيا، جمهوريه چيڪ، ايسٽونيا، يونان، هنگري، ليٽويا، اتر مقدونيه، مونٽينيگرو، پولينڊ، رومانيا، سربيا، سلوواڪيا ۽ سلووينيا شامل آهن. هي 2012ع ۾ پولينڊ جي شهر وارسا ۾ قائم ڪيو ويو هو ۽ ان کانپوءِ ان جو سربراهي اجلاس هر سال مختلف ملڪن ۾ ٿيندو آهي، ان فورم جي قيام کان هن وقت تائين چين مغربي بلقان خطي ۾ پنهنجي سرمائيڪاري ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي. في الحال اها سرمائيڪاري معيشت جي وڏن شعبن ۾ ٿي رهي آهي پر ان سان ڪروڙين ڊالرن جي قرضن کانسواءِ ڪيترن ئي خدشن به جنم ورتو آهي. عالمي لاڳاپن بابت يورپين ڪائونسل ۾ هڪ محقق ولاديمير شوپوف چيو اهي ته اهي اثر وڏن منصوبن ذريعي شروع ٿيا، مثال طور مونٽينيگرو يا اتر مقدونيه ۾ رودن جي تعمير کي ئي وٺو، مونٽينيگرو جو معاملو شايد سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ آهي، 2014ع ۾ مونٽينيگرو ۽ چين جي ايگزم بئنڪ 9 ڪروڙ 40 لک ڊالرن جي هڪ ترجيحي قرض جي ٺاهه تي صحيحون ڪيون، ان قرض جو مقصد 41 ڪلو ميٽر طويل روڊ جي تعمير هئي، ان منصوبي جي تنقيد نگارن شروع کان خبردار ڪيو هو ته ان منصوبي سان ڪو به نفعو حاصل نه ٿيندو، هاڻ سربيا جي هفتيوار اخبار وريم خبردار ڪيو آهي ته ان منصوبي ان ننڍڙي ملڪ جي خودمختياري کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. مونٽينيگرو جي آبادي 6 لک 22 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي. ان اخبار ۾ ميلوس ووڪووچ لکيو آهي ته ان قرض کي ٽول ٽئڪس جي مدد سان لاهڻ لاءِ ضروري هوندو ته ايندڙ 14 سالن تائين هفتي جي 7 ئي ڏينهن ۾ هر ٽن سيڪنڊن ۾ هڪ گاڏي ان روڊ تان گذري، جڏهن مونٽينيگرو چين جي ايگزم بئنڪ سان اهو ٺاهه ڪيو هو ان وقت قرض جي رقم ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار جي 30 سيڪڙو جي برابر هئي. اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته ان ٺاهه چين کي هن ملڪ جو مرڪزي بئنڪر بڻائي ڇڏيو، اڄ مونٽينيگرو حڪومت تي قرض جو بار ان جي معاشي پيداوار جو 103 سيڪڙو ٿي چڪو آهي ۽ هن ان حوالي سان ايتري ڳڻتي موجود آهي، جو هلندڙ سال جي شروعات ۾ مونٽينيگرو جي عملدارن يورپي يونين کي ان قرض ڏيڻ ۾ مدد جي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي يورپي يونين رد ڪري ڇڏيو هو. ولاديمير شوپوف بلغاريا جي صوفيا يونيورسٽي ۾ ايشيائي معاملي جو پروفيسر به آهي، هو چوي ٿو ته مونٽينيگرو ڏيوالپڻي جي حد تي پهچي چڪو آهي، ان کي چين سان ٻيهر ان قرض بابت ڳالهائڻو پوندو ۽ چين کي ان ڳالهه ۾ بالادستي حاصل هوندي، حقيقت ۾ چين وٽ هاڻ مونٽينيگرو جي معاشي ترقي جا شرط طئه ڪرڻ جو موقعو ۽ طاقت ٻئي آهن، اتر يورپ جي بلقان ملڪن ۾ چين جي ٻي تڪراري سرمائيڪارين ۾ سربيا جي مرڪزي اسٽيل ڪارخاني زيليزارا سميدريوو جي خريداري، بڊاپيسٽ کان بلغراد تائين هڪ ريلوي پراجيڪٽ ۽ بوسنيا اينڊ هرزيگووينا ۾ هڪ وڏي ٿرمل پاور پلانٽ قائم ڪرڻ وارا منصوبا شامل آهن. ريل پراجيڪٽ تي اقتصادي طور ممڪن هجڻ جي حوالي سان خدشا آهن ته وري ماحوليات جي ماهرن کي ٿرمل پاور پلانٽ جي حوالي سان خدشا آهن. اپريل ۾ يوني ڪريڊٽ جي جاري ڪيل هڪ رپورٽ مطابق چين کي ڏنل ٺيڪو بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جو 3 سيڪڙو، سربيا جو 7 سيڪڙو، اتر مقدونيه جو 8 سيڪڙو ۽ مونٽينيگرو جي جي ڊي پي جي 21 سيڪڙو جي برابر آهي. شوپوف جو چوڻ آهي ته انهن ٺيڪن جي ڪجهه شرطن جي حوالي سان انتهائي گهڻو ابهام موجود آهي، بلقان واري خطي ۾ چين جا انتهائي گهڻا مفاد آهن، شوپوف مطابق انهن مان سڀ کان اهم مفاد اهو آهي ته چين يورپ جي چوڌاري پنهنجي موجودگي چاهي ٿو، اولهه بلقان جا ملڪ اهم سامونڊي رستن سان وچ ۾ واقع آهن، جتان اولهه يورپ، اتر آفريڪا ۽ اولهه ايشيا ويجهو ٿي وڃن ٿا.چين اهو ڄاڻي ٿو ۽ ان لاءِ هن ايڊرياٽڪ سمنڊ جي چوڌاري ڪيترن کي بندرگاهن ۾ پنهنجي دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، چين اڳ ئي يونان جي سڀ کان اهم بندرگاهه پيرائيس کي ڪنٽرول ڪري ٿو، ان کانسواءِ چين جو ترڪي جي ٽئين وڏي بندرگاهه ڪيوپورٽ تي به ڪنٽرول آهي، ان کانسواءِ ڏکڻ چين جي ڪيترن ئي بندگاهن ۾ چين جا شيئر آهن ۽ تازو ئي چين ڪروشيا ۾ ريجيڪا جي بندرگاهه ۾ رعايت ڏيڻ جي تجويز ڏني هئي پر ڪروشيا ان تجويز کي رد ڪري ڇڏيو، ڪروشيائي پريس ۾ ڇپجندڙ تازرين رپورٽن مطابق ڪروشيا مٿان آمريڪا ۽ يورپي يونين جو سخت دٻاءَ هو، ان ڪري چين 50 ورهين جي لائسنس لاءِ درخواست ڏني پر ڪروشيا ان کي رد ڪري ڇڏيو، درحقيقت ان معاملي ۾ سياسي حقيقتن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. البانيا، اتر مقدوينه، مونٽينيگرو ۽ سربيا يورپي يونين ۾ شموليت جا باضابطا اميدوار آهن، جڏهن ته بوسنيا اينڊ هرزيگووينا ۽ ڪوسووو جو به ڊگهي عرصي کان ان تنظيم ۾ شامل ٿيڻ جو عزم آهي.ان مغربي بلقان خطي کي جاگرافيائي لحاظ کان هڪ وڌيڪ اسٽريٽجڪ اهميت وارو خطو ٺاهي ڇڏيو آهي، انهن ملڪن ۾ اڄ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ جو مطلب ڪل دنيا ۾ اهم اقتصادي ۽ سياسي معاملن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ آهي، ولاديميري شوپوف چوي ٿو ته چين جي سرمائيڪاري ۽ مداخلت ان جي ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جو حصو آهي، هي علائقائي پاليسين ۽ مستقبل ۾ يورپي يونين ۾ مداخلت جي پوزيشن حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. حقيقت ۾ چين جو بلقان خطي ۾ اثر ۽ رسوخ رڳو معيشت تائين محدود نه آهي. ثقافتي ۽ تعليمي ادارن جي وچ ۾ تعلق ذريعي چين هن خطي ۾ موجود ملڪن سان پنهنجا ثقافتي رابطا به مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. شوپوف مطابق هتي هاڻ اڳ کان وڌيڪ شاگرد چيني يونيورسٽين ۾ وڃي رهيا آهن، هي ملڪ تحقيق جي شعبي ۾ چين سان وڌيڪ تعاون ڪري رهيا آهن ۽ ان سان چين کي پنهنجو تشخص بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ ميڊيا ۾ جاءِ به ملي ٿو، هن خطي ۾ چين جي ثقافتي اثر رسوخ جو سڀ کان وڏو مثال ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ جي پکيڙ آهي، هي ادارو چيني حڪومت جي انتظام هيٺ آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ثقافتي ۽ لساني پروگرام ڪرائي ٿو. چين جو چوڻ آهي ته ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ چين ۽ دنيا جي وچ ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿو، پر ان جي ناقدين جو چوڻ آهي ته هي ادارو ٻين عالمي معيشتن ۾ پروپگئنڊا کي وڌائي ٿو ۽ ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ اظهار جي آزادي جي راهه ۾ به رڪاوٽ بڻجي ٿو.ڪجهه ماڻهن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت ان کي استعمال ڪندي شاگردن جي جاسوسي ڪري ٿي، ان ڪري دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي يونيورسٽين ۾ ان اداري جي پروگرامن کي بند ڪري ڇڏيو آهي.ڪوسووو کانسواءِ بلقان خطي جي هر ملڪ ۾ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ قائم آهي، ڪوسووو 2008ع ۾ آزادي جو اعلان ڪيو هو. پر چين اڃا تائين ان کي تسليم ناهي ڪيو. اتر مقدونيه ۾ هي انسٽيٽيوٽ سرڪاري عملدارن لاءِ ڪيترن ئي ڪورسن جي آڇ ڪري ٿو، جڏهن ته سربيا ۽ مونٽينيگرو ۾ ڪيترائي اسڪول ڪنفيوشس ڪلاس رومز تائين کوليا ويا آهن.