ليکڪ: امتياز جوڻيجو
سنڌ يونيورسٽي ملڪ جي قديم مادر علمين ۾ شمار ٿئي ٿي، ھيءَ ملڪ جي واحد مادر علمي آھي جيڪا ھميشه غريب طبقي سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو آخري سهارو رھي آھي، ھتي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شاگرد اچي تعليم حاصل ڪندا آھن. پر افسوس جو ھلندڙ سال سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران گذريل ڪجھه سالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڳريون فيون مقرر ڪري سراسر ناانصافي ڪئي آهي، جنهن باصلاحيت ۽ ذھين غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي منجهائي ڇڏيو آھي. ماضي تي ھڪ نظر وجھبي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪجھه سال اڳ مناسب في ھجڻ سبب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان خاص ڪري غريب طبقي سان تعلق رکندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون تمام آساني سان تعليم حاصل ڪري سگهنديون هيون. جڏھن ته موجوده وقت ۾ سنڌ جي ھن مادر علمي ۾ داخلا وٺڻ ۽ پڙھڻ غريب شاگردن توڙي شاگردياڻين لاءِ ڳريون فيون مقرر ڪرڻ سبب رڳو مشڪل ئي نه پر انهن جي پھچ کان به ٻاھر آھي. ھڪ طرف گذريل سال کان ڪورونا وائرس سبب سنڌ سميت پوري ملڪ جي تعليم متاثر ٿي آھي، ٻئي پاسي ڪورونا وبا سبب وڌندڙ بيروزگاري سميت سنڌ يونيورسٽي پاران فين ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪرڻ سبب ڪيترائي باصلاحيت ۽ ذھين غريب شاگرد توڙي شاگردياڻيون اعليٰ تعليم جهڙي زيور کان محروم ٿي رھيا آھن. سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران فين ۾ واڌ ڪرڻ سان ائين لڳي ٿو ته مادر علمي غريب شاگردن جي داخلا وٺڻ سميت انهن جي پڙھائي جا دروازا بند ڪرڻ جو ڄڻ ته ڪو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. اھي غريب شاگرد ۽ شاگردياڻيون جيڪي ھن يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم پرائڻ جي خواھش رکن ٿا، اھي ايتريون وڏيون فيون ڪٿان ڀريندا؟ غريب شاگردن لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ ھاڻ داخلا وٺڻ ۽ پڙھڻ تمام ڏکيو ٿي چڪو آھي. ھڪ سازش تحت سنڌ جي غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اعليٰ تعليم جا دروازا پڻ بند ڪيا پيا وڃن. جنهن سبب غريب شاگردن سميت انهن جا والدين پڻ وڏي پريشاني کي منهن ڏئي رھيا آھن. ڏٺو وڃي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ غريب طبقي سان تعلق رکندڙ شاگردن جو ھڪ وڏو انگ اڳ ئي وڏي مشڪل سان بيچلرس ۽ ماسٽرس جي اعليٰ تعليم حاصل ڪري رھيو آھي. سنڌ يونيورسٽي انتظاميه پاران ھلندڙ سال 2021ع جي پهرين سال ۾ داخلا وٺندڙ توڙي اڳ ئي بيچلرس ۽ ماسٽرس ۾ پڙھندڙ شاگردن تي بي رحم وار ڪندي انهن کان مڪمل ٽيوشن في ۽ ٽرانسپورٽ في سميت ٻيون ڪيتريون ئي وڌيڪ فيون وصول ڪيون پيون وڃن. جيتوڻيڪ فين ۾ واڌ، تعليم دشمن پاليسي، مادر علمي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سميت ھاسٽلن ۾ پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ ڪجھه ڏينهن پهرين سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ھڪ وڏي تعداد مادر علمي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو هو. مظاھري کي ختم ڪرائڻ سميت مسئلن جي حل لاءِ وڏي وزير جو خاص صلاحڪار نثار کهڙو ۽ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو انهن وٽ پهتا ته يونيورسٽي جي باصلاحيت ۽ ذھين شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران نثار کهڙي جو گهيراءُ ڪيو ويو هو، حيرت جي ڳالهھ اھا پڻ آھي ته ھن مادر علمي ۾ پڙھندڙ باصلاحيت ۽ ذھين شاگردياڻيءَ جڏھن صوبائي صلاحڪار نثار کهڙو کان ڪجهھ سوال ڪيا ته ھو بوکلائجي ويو، اھڙي طرح نثار کھڙو آمريڪا ۽ برطانيه جي يونيورسٽين ۾ مقرر فين جا مثال ڏيڻ لڳو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ باصلاحيت ۽ ذھين نياڻيءَ جي سوالن جا جواب ڏيڻ سميت شاگردن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ ۾ پڻ ناڪام ٿي ويو. جيتوڻيڪ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو ۽ نثار کھڙو پاران ميرٽ ۽ سيلف فنانس جي داخلا فين ۾ ڪيل واڌ تي شاگردن کي فين ۾ 50 سيڪڙو رعايت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آھي، درحقيقت مادري علمي انتظاميه پاران ڳريون فيون مقرر ڪرڻ کان پوءِ وڌايل فين مان صرف 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ تعليم دشمن پاليسي آھي، جنهن تي اڃا به سنڌ سرڪار ۽ سنڌ يونيورسٽي انتظاميا کي غور ۽ فڪر ڪرڻ جي ضرورت آھي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ ۽ سنڌ جي مادري علمي جي وائيس چانسلر کي پڻ گذارش آھي ته خدارا فين ۾ واڌ واري فيصلي تي نظرثاني ڪري گهٽ ۾ گهٽ غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي اعليٰ تعليم جا دروازا بند نه ڪيا وڃن، ڇو ته اهڙي عمل سان انهن جي ان خواب جي تعبير جو آخري دروازو به بند ٿي ويندو ۽ سنڌ جي شاگردن جي هڪ وڏي اڪثريت يونيورسٽي تائين پهچي نه سگهندي ۽ منهنجي نظر ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي تعليم جو ڪو به خير خواهه اهو نه چاهيندو ته هتان جو شاگرد يا شاگردياڻي اعليٰ تعليم جي دروازي تائين نه پهچن پر سنڌ جي تعليم ۽ سنڌ جي آئندي جو دشمن ڪڏهن به نه چاهيندو ته سنڌ جو شاگرد اعليٰ تعليم ماڻي سگهي. هاڻ اهو يونيورسٽي انتظاميا، موجوده وي سي ۽ سنڌ حڪومت تي آهي ته اهي سنڌ جي تعليم ۽ سنڌ جي آئندي جا دوست ٿين ٿا يا دشمن. ياد رکو تاريخ ڪنهن کي معاف ناهي ڪندي.