139

ڇا ادبي ايوارڊن جو فيصلو ٽائيٽل ۽ نالا ڏسي ڪيو وڃي ٿو..؟؟

ليکڪ: نياز مسرور بدوي

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سال 2019ع ۾ شايع ٿيل ڪتابن تي ادبي ايوارڊ ڏيڻ جو اشتهار سنڌ جي مختلف اخبارن جي ڇپيو هو، ڪافي دوستن مقرر وقت اندر پنهنجا پنهنجا ڪتاب ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ جمع ڪرايا هئا. انهن ادبي ايوارڊن جو نتيجو ڪجھه ڏينهن اڳ سنڌي اخبارن ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته محترم شوڪت حسين شوري جي اڳواڻيءَ ۾ مانوارن ججن جا ڏنل فيصلا پڌرا ڪيا ويا. جن مطابق ٻارن لاءِ لکيل ڪتابن مان جبار آزاد منگي جي لکيل ڪتاب ”ٽمون شرارتي“ کي ايوارڊ جو حقدار قرار ڏنو ويو آهي، جنهن تي وحيد محسن جنهن جو ڪتاب ”ننڍڙي پري“ مقابلي ۾ شامل هو، تنهن ان ايوارڊ جي ونڊ ورڇ تي اعتراض واريندي چيو آهي، ته اهو ساڳيو ڪتاب انجمن ترقي پسند مصنفين جي ايوارڊ مقابلي ۾ به شامل هو، پر ”ٽمون شرارتي“ کي ايوارڊ مقابلي ۾ هار نصيب ٿي هئي. ان مامري تي هن فيس بوڪ تي ڪافي ڊگھي پوسٽ رکي آهي، جنهن جو حاصل تت اهو آهي ته ساڻس ناانصافي ٿي آهي.سندس ان مطالبي تي دوستن جا اهڙا به رايا آيا آهن، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري تي اقربا پروريءَ جا الزام مڙهيا ويا آهن. اهو ڪيترو سچ آهي، تن جي خبر ججن کي هوندي. آئون هتي ڪجهه معززن جا ڏنل رايا ڏيان ٿو. سنڌي ادب جي هڪ محترم شخصيت سائين منظور ”پرواز“لکي ٿو ته ”ارپنا ۾ ڪافي چُڪون آهن. ٻارن تي لکڻ لاءِ اتساهيندڙ ٿيڻ گھرجي ۽ ٻي غلطي منهنجي همت افزائي بعد ”ڪئي“ لفظ غائب آهي جيڪو پروف جون چُڪون درست نه ٿو ڪري سگھي، اهو ڪتاب انعام جو مستحق قرار ڏنو ويو آهي افسوس.“ تاج محمد شيخ لکي ٿو ته ” ادارن ۾ انهن اديبن کي ايوارڊ ملندا آهن جيڪي سفارشي آهن، هتي اهو ڪم لڳو پيو آهي ته ورهائي ناني کائن ڏوهٽا“ لکڻيءَ جي سموري بيهڪ ڪمزور آهي، پروف جون به جام غلطيون آهن.“مشهور ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر اعجاز انڙ لکي ٿو ” ارپنا ۾ جملي جي بيهڪ ۽ گرامر جون غلطيون آهن. جن هن کي ايوارڊ ڏنو آهي، اهي هن کان به چٽ هوندا ني.“جمن احمداڻي لکي ٿو ته ”ميرٽ موجب فيصلو ٿيڻ گھرجي، مون سان به ناانصافي ٿي چڪي آهي، 2201ع ۾ منهنجو ڪتاب ”اڪيلو ماڻهو“ بابت به فيصلو بدلايو ويو هو.“ خالد امير بخاري لکي ٿو ته ”قابل قدر اديبن سان اهڙيون بي واجبيون آخر ڪيستائين هلنديون، انهن نام نهاد ادارن جو محاسبو ٿيڻ گھرجي. ادب جھڙي شعبي ۾ پڻ مافيا ڪاهي پئي آهي.“ ٻين به ڪافي اديبن   جن ۾ امداد جسڪاڻي،اقبال بلوچ، اظهر آزاد مغل، وقاص ياسين آرائين، ارشاد پيرزادو، شاهد ابڙو، سليم ميمڻ، عبدالواحد عباسي، استاد لغاري، طارق امام جوڻيجو، شاهنواز مهيسر، عبدالرحيم چنڙ، به ايوارڊ جي انهي ورهاست تي پنهنجا ويچار ونڊيا آهن، جن کي هتي ورجائڻ مناسب نه ٿو لڳي.اديب، ادبي ايوارڊن جو محتاج نه هوندو آهي، پر جڏهن ادبي ادارا، ڪنهن ادبي ايوارڊ جو اعلان ڪندا آهن ته اديب به پنهنجي لکت جي معيار کي جاچڻ لاءِ ان ۾ شامل ٿيندو آهي، کيس اهو يقين هوندو آهي ته جيڪي مصنفي جي مسند تي ويٺا آهن، اهي سندس ڪم جي ڪَٿَ ڪندا. پر نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهن منصفن وٽ اهڙو ڪو معيار نه آهي، جنهن کي آڏو رکي ڪو انصاف ڀريو فيصلو ڪري سگھن. جنهن جو مثال جبار آزاد منگي جو ڪتاب ”ٽمون شرارتي“ آهي، جنهن جي فقط ارپنا بابت ڪن تخليقڪارن جا رايا لکيا آهن.جيڪڏهن سنجيدگي سان جبار آزاد منگي جي ڪتاب جو ٻين آيل ڪتابن جھڙوڪ ”ننڍڙي پري“، ”ڳولا“ ۽ شگفته شاهه جي ڪتابن کي آڏو رکي تقابلي جائزو ورتو ويندو ته مان سمجھان ٿو ته نتيجو ڪجھه ٻيو ايندو.ادب ۾ جيڪي ادبي معيار هوندا آهن، اهي دوستي جي معيارن کان ڪافي مٿڀرا هوندا آهن، انهن جي ڀيٽ ادبي معيارن سان نه ٿي ڪري سگھجي ۽ نه ئي وري دوستيءَ جي معيار تي انهن ادبي معيارن کي ريٽي سگھجي ٿو، پر اسان وٽ سنڌ جي مصنف شعور وٽ ادبي معيارن کان وڌيڪ شايد دوستيءَ جا معيار آهن، جن جي بنياد تي ”ٽمون شرارتي“ کي ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي. مزي جھڙي ڳالهه اها آهي ته ادبي معيار ٻڌايا ئي نه ويا آهن، جن جي بنياد تي جبار آزاد جي ڪتاب کي معتبر قرار ڏنو ويو آهي ۽ نه وري اهو ٻڌايو ويو آهي ته ٻيا ڪتاب ڪهڙن ڪهڙن اديبن جا ان مقابلي ۾ شامل هئا ۽ ڪهڙن فني بنيادن تي انهن کي رد ڪيو ويو آهي. لڳي ائين ٿو ته فقط ڪتابن جا ٽائيٽل ۽ لکندڙن جا نالا ڏسي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي.جيڪڏهن اسان ماضي ۾لکيل ٻاراڻي ادب تي نظر وجھنداسين ته اهو اسان کي مقصديت سان ڀرپور ڏسڻ ۾ ايندو. هن وقت جنهن ڪتاب کي ايوارڊ جو حقدار قرار ڏنو ويو آهي، ڇا ان جي ڪالم ڪهاڻين ۾ اهو پيغام آهي، جيڪو ٻارن کي سندن ڪنهن مقصد کي متعين ڪرڻ ۾ مدد گار ثابت ٿئي ٿو. همت حوصلي جو درس ڏئي ٿو، سچائي سان محبت ۽ ڪوڙ کان نفرت جو پيغام ڏئي ٿو. جيڪڏهن ان ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ مقصد نه آهي ۽ فقط مزاح آهي، ته پوءِ اهڙي مواد کي موزون قرار ڏيڻ مان سمجھان ٿو ته ٻارن ۽ ٻارن لاءِ لکندڙ اديبن سان ناانصافي آهي،سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري کي انهيءَ تڪرار کي نبيرڻ گھرجي ۽ انهيءَ بحث کي ختم ڪرڻ لاءِ ججن جا نالا ۽ سندن رايا پڌرا ڪيا وڃن ته جيئن اديبن ۾ جيڪا ناانصافي واري خام خيالي پيدا ٿي آهي اها ختم ٿي وڃي، هن وقت اداري جي ساک پت داءُ تي لڳل آهي، اداري جي ساک کي بچائڻ لاءِ کين پنهنجي ذميوارين کي محسوس ڪرڻ گھرجي، هڪ غلط فيصلي سان اداري جي تاريخ داغدار ٿي ويندي، ۽ اداري تان اعتبار کڄي ويندو، هڪ درست فيصلي سان اداري تي اعتبار قائم ٿي ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو