ايڊيٽوريل
سنڌ حڪومت اين سي او سي جي گڏجاڻي ۾ ٿيل فيصلن بعد اڄ کان صوبي ۾ ڪورونا سبب بند پيل درگاهون، جم، سوئمنگ پول ۽ پارڪ کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. انهن ماڳن تي ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق درگاهن تي زائرين ۽ عملي جو ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، جڏهن ته سمورن داخلي رستن تي سينيٽائيزر موجود هجن، مزارن ۽ درگاهن تي احتياطي تدبيرن ۽ هدايتن جا بينر لڳايا وڃن، حڪم نامي مطابق مزارن ۽ درگاهن تي عوام جي رش ٿيڻ نه ڏني وڃي ۽ زائرين کي 10 منٽن کان وڌيڪ مزارن ۾ رهڻ جي اجازت هوندي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 50 سال کان وڏي عمر جي ماڻهن، ٻارن کنگهه ۽ بخار جي علامتن وارن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته مزارن تي روزانو اسپري ڪرڻ ۽ ڌوئڻ لازمي هوندو ۽ لنگر ورهائڻ تي پابندي هوندي. سنڌ حڪومت پاران پابنديون ختم ڪرڻ بعد ڪالهه ئي ڪراچي ۾ سمنڊ تي ماڻهن جا انبوهه گڏ ٿي ويا هئا ۽ انهن ايس او پيز کي نظرانداز ڪندي خوشي ملهائي هئي، اسان سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ خاص ڪري ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڪجهه ٻين شهرن ۾ ڪورونا تي مڪمل ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي ۽ ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ ڪيسن جي شرح اڃا به 7،8 ۽ 10 سيڪڙو تائين رڪارڊ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته ملڪ ۾ پڻ اڃا ڪورونا موجود آهي، جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت پڻ ڪورونا دوران لاڳو ڪيل سموريون پابنديون ختم ڪيون ويون آهن ۽ ملڪ جي ايئرپورٽن تان پڻ قرنطينا ۽ چيڪ اپ وارو شرط ختم ڪيو ويو آهي ۽ مختلف ملڪن لاءِ فلائيٽ آپريشن پڻ وڌايو آهي پر اهو سڄو عمل اڃا به ڪجهه جلدي وارو لڳي رهيو آهي، ڇو ته ڀارت سميت مختلف ملڪن ۾ ڪورونا اڃا به ضابطو ناهي آيو ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ڪورونا جا ڪيترائي خطرناڪ قسم موجود آهن، جتان اهي ٽرانسفر ٿي ٻين ملڪن تائين پهچن ٿا، ان ڪري احتياط کي ڪنهن به صورت ۾ ڇڏڻ نه گهرجي، اسان سنڌ حڪومت جي هر فيصلي جي آجيان ڪئي آهي ۽ اسان اهو به سمجهون ٿا ته جيڪي صوبي جي واڳ سنڀالي ويٺا آهن، انهن وٽ اسان کان وڌيڪ رٿابندي هوندي پر اسان سمجهون ٿا ته اڃا به جن علائقن ۾ ڪورونا ڪيس وڌيڪ آهن، اتي سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو وڃي ۽ انهن علائقن ۾ وڌيڪ سختي ڪئي وڃي ته جيئن ڪورونا جي مڪمل پاڙ پٽجي سگهي، ٻي صورت ۾ ٿورڙي به ڪوتاهي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪا خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿي ۽ جن علائقن ۾ ڪيس وڌيڪ آهن، اتان ٻين علائقن، ٻين شهرن ۽ ٻين ضلعن تائين پکڙجي سگهن ٿا. گڏوگڏ اسان وفاقي حڪومت کان اها به گهر ڪريون ٿا ته ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ويڪسين جي کوٽ ختم ڪري ملڪ جي هر علائقي ۾ ويڪسينيشن سينٽر کوليا وڃن ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ويڪسين ڪرائي پاڻ کي محفوظ بڻائين. گڏوگڏ ضلعي انتظاميا کي سختي سان هدايت ڪئي وڃي ته اها احتياطي اپائن تي عمل ڪرائي، اسان سمجهون ٿا ته سخت ۽ ڏکين مرحلن ۾ رهندڙ عوام کي به هاڻ اها سمجهه اچي وئي هوندي ته ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي سان نقصان حڪومتن جو نه پر عوام جو ٿئي ٿو، ڇو ته جڏهن لاڪ ڊائون ٿئي ٿو ته بيروزگاري وڌي ٿي ۽ مهانگائي به چوٽ چڙهي ٿي ۽ ان جو بار به عوام ئي کڻي ٿو، ان ڪري عام ماڻهو کي به سنجيدگيءَ سان ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو، جئين اڳتي پريشانين کان بچي سگهجي.