141

چوڌري پرويز الاهي جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات، سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي گذريل ڏينهن بلاول هائوس لاهور ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اڳوڻي صدر چوڌري پرويز الاهي کان مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي صحت پڻ دريافت ڪئي. آصف علي زرداري ۽ چوڌري پرويز الاهي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هو آزاد عدليه تي يقين رکن ٿا، آزاد عدليه ۽ جمهوريت لازم ۽ ملزوم آهن، جڏهن ته عدليه جو احترام جمهوريت جو هڪ جُز آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو