96

ڀارت ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 50 هزار 40 نوان ڪيس رپورٽ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 50 هزار 40 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثرن جو ڪل 30233183 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ 1258 نئين فوتگين بعد هيل تائين 3 لک 95 هزار 751 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڀارتي صحت وزارت جي اختيارين چيو آهي ته ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جي لحاظ کان دنيا جو ٻيون سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي. صحت وزارت جي انگن اکرن مطابق سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا فعال مجموعي ڪيسز 595565 مان 9162 جي نمايان گهٽتائي اچڻ بعد ڪل انگ 586403 ٿي ويو آهي. ڀارت ۾ مجموعي طور تي ڪورونا وائرس سبب متاثر 29251029 مريض صحتياب ٿيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو