187

روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ وڌيڪ سنگل ميل عبور ڪري ورتا آهن: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ وڌيڪ سنگل ميل عبور ڪري ورتا آهن ۽ جمع ڪرائي ويندڙ رقم ڏيڍ ارب ڊالر کان وڌي وئي آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پاران خوشخبري آهي ته روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ وڌيڪ سنگ ميل عبور ڪري ورتا آهن. جمعي ڏينهن روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ رقم ڏيڍ ارب ڊالر کان وڌي وئي جڏهن ته نئون پاڪستان سرٽيفڪيٽس ۾ سيڙپڪاري 1 ارب ڊالر کان وڌي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته اڪائونٽس ۽ ڊيپازٽس 2 مهينا اڳ جي هڪ ارب ڊالر جي ايونٽ کانپوءِ نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندڙ رقم جا ماهوار تفصيل پڻ پيش ڪيا آهن جنهن موجب روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ سيپٽمبر 2020ع ۾ 6 ملين  ڊالر جمع ٿيا جيڪي آڪٽوبر ۾ 42 ملين ڊالر، نومبر ۾ 110 ملين ڊالر، ڊسمبر ۾ 250 ملين ڊالر، جنوري 2021ع ۾ 418 ملين ڊالر، فيبروري ۾ 594 ملين ڊالر، مارچ ۾ 806 ملين ڊالر، اپريل ۾ 1055 ملين ڊالر، مئي ۾ 1261 ملين ڊالر ۽ 25 جون تائين 1503 ملين ڊالر ٿي ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو