191

مني لانڊرنگ ريفرنس: شهباز شريف ۽ سندس خاندان جا اثاثا منجمند ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي اڄ احتساب عدالت ۾ ٿيندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ۽ ان جي خاندان جا اثاثا منجمند ڪرڻ خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي (اڄ) سومر ڏينهن لاهور جي احتساب عدالت ۾ ٿيندي. عدالت شهباز شريف خاندان جي وڪيلن کي اڄ حتمي دليلن لاءِ طلب ڪيو آهي. عدالت جي روبرو شهباز شريف، حمزه شهباز،، نصرت شهباز سميت 13 درخواستگذارن درخواستون داخل ڪيون آهن جنهن ۾ خانداني اثاثا منجمند ڪرڻ جي عدالتي حڪم کي چيلينج ڪيو ويو آهي. درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته عدالت اثاثا منجمند ڪرڻ جي حڪم کي ڪالعدم قرار ڏئي ۽ اثاثا منجمند ڪرڻ جي حڪم تي نظرثاني ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو