180

سڀني اختيارن جو ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ منتقل ٿيڻ ضروري آهي: شاهه محمود قريشي

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب لاءِ 33 سيڪڙو ڌار بجيٽ مختص ٿيڻ برسات جو پهريون ڦڙو آهي. ڌار بجيٽ ڏکڻ پنجاب جي عوام جي محرومين جي ازالي جي شروعات ثابت ٿيندو. علائقي جي عوام جي تقدير بدلجڻ لاءِ سڀني اختيارن جو ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ منتقل ٿيڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي دوري کانپوءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڏکڻ پنجاب جي هر شهر ۽ علائقي ۾ هڪجهڙي ترقي پي ٽي آئي جي ايجنڊا آهي ۽ حڪومت عوام سان ڏکڻ پنجاب کي صوبو ٺاهڻ جو واعدو نڀائيندي ڇاڪاڻ ته ڌار صوبي جو قيام خطي جي تيز ترين ترقي جو پيش خيمو ثابت ٿيندو. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب جي ترقياتي بجيٽ جو هڪ پئسو به ضايع نه ٿيڻ ڏنو ويندو. ڏکڻ پنجاب کي صوبو ٺاهڻ جو مطالبو سڀني تعصبن کان مٿانهون آهي، ترقياتي فنڊز منصوبن تي خرچ ڪرڻ لاءِ هاڻي کان منصوبا بندي ڪرڻي پوندي. ان موقعي تي ايڊشنل چيف سيڪريٽري ڏکڻ پنجاب ڪيپٽن (ر) ثاقب ظفر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ترقياتي منصوبن جي ثمرن کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ ان کي وقت تي پورو ڪرڻ ضروري آهي ۽ ان مقصد لاءِ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ڏکڻ پنجاب لاءِ وڏي رقم مختص ڪئي آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ ڏکڻ پنجاب جي ترقياتي منصوبن لاءِ 1 کرب 89 ارب روپيه رکيا ويا آهن ۽ نئين مالي سال ۾ پنجاب ۾ 2491 ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويندا جنهن لاءِ مڪمل پلان تيار آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو