اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نجي بئنڪ جي بدانتظامي جي خلاف شڪايت تي انڪوائري جي صحيح طريقيڪار کي نظرانداز ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بئنڪنگ محتسب کي قانون موجب بئنڪ اڪائونٽ هولڊر جي شڪايت حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. شڪايت ڪندڙ پرائيويٽ بئنڪ جي بدانتظامي جي خلاف بئنڪنگ محتسب ۾ شڪايت جمع ڪرائي هئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب شڪايت ڪندڙ اصل رقم تي منافعو حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ بئنڪ اڪائونٽ کوليو هو. جمع ٿيل منافعو وصول ڪرڻ وقت بئنڪ اڪائونٽ کي غيرمنافعو ڏيندڙ ”ڪرنٽ اڪائونٽ“ قرار ڏئي ڇڏيو. کاتيدار بئنڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا شڪايت داخل ڪرائڻ جي باوجود ريليف ۽ منافعو نه ملڻ تي بئنڪنگ محتسب ۽ صدر کي درخواست ڪئي. صدر بئنڪنگ محتسب کي اڪائونٽ هولڊر جي شڪايت تي مناسب شنوائي جو موقعو ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن شهري جي درخواست تي مناسب ڪارروائي نه ڪرڻ ۽ انڪوائري جي صحيح طريقيڪار کي نظرانداز ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. صدر پنهنجي حڪمنامي ۾ چيو ته قانوني بي قاعدگي سان ماڻهن جي حقن کي پائمال نه ٿو ڪري سگهجي، بئنڪنگ محتسب ٻنهي ڌرين کي ٻڌڻي جو موقعو ڏي، ان معاملي ۾ انڪوائري جي معيار کي يقيني بڻائيندي قانون موجب فيصلو ڪري.
181