188

لئي ايڪسپريس وي منصوبي جو تعميراتي ڪم هلندڙ سال شروع ٿيندو: وفاقي گهرو وزير شيخ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته لئي ايڪسپريس وي منصوبي جو تعميراتي ڪم هلندڙ سال شروع ٿي ويندو. پنجاب حڪومت مالي سال 22-2021ع جي بجيٽ ۾ لئي ايڪسپريس وي جي تعمير لاءِ 55 ارب روپيه مختص ڪيا آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ غريب ۽ متوسط طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ تاريخي بجيٽ پيش ڪيو آهي. موجوده حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته 18 ڪلوميٽر ڊگهي ناله لئي ايڪسپريس وي عمار چوڪ کان شروع ٿيندو ۽ پنڊوڙه ۾ ختم ٿيندو. لئي ايڪسپريس وي جي طرفن کان هائي رائز ڪمرشل بلڊنگز تيار ڪيون وينديون. وفاقي وزير چيو ته لئي ايڪسپريس وي منصوبي تي پل پرائيويٽ پارٽنرشپ جي بنياد تي تعمير ڪئي ويندي ۽ ٽينڊرز جو عمل مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هلندڙ سال ان منصوبي تي ڪم شروع ٿيندو. شيخ رشيد چيو ته لئي ايڪسپريس وي شهر لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو ۽ جنهن سان ٽريفڪ رش گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير چيو ته ان منصوبي سبب شديد برساتن ۾ ٻوڏ واري صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. شيخ رشيد احمد ٻڌايو ته حڪومت وزيراعظم عمران خان جي وزن مطابق تاريخي بجيٽ پيش ڪيو جنهن ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو ۽ مختلف اسڪيمن ۾ غريب طبقي کي خاص رعايتون ڏنيون ويون. هن چيو ته لاهور ۾ دهشتگردي جو مقصد ملڪ ۾ بد امني جي هوا پيدا ڪرڻ هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو