ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ حڪومت کي ٽف ٽائم ڏئي رهيا آهيون. ڪوهاٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خيبر پختونخواهه جي عوام کي نالائق ۽ ناجائز حڪومت کان بچائينداسين، سي پيڪ جو بنياد پ پ ۽ آصف زرداري رکيو هو، سي پيڪ جو مقصد پٺ تي پيل علائقن کي ترقي ڏيارڻ هو پر نالائق حڪومت سي پيڪ منصوبو ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت ڪرپشن ۾ سڀني کان اڳتي آهي ۽ ان سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ ختم ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ڌانڌلي سان آيل حڪومت ملڪ ۾ بحران پيدا ڪيو آهي ۽ عوام کي مهانگائي جي طوفان ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، پاڪستان ۾ مهانگائي اڄ بنگلاديش ۽ افغانستان کان به وڌيڪ آهي، هٿ ٺوڪين ۾ صلاحيت ئي ناهي ته حڪومت هلائي سگهن. سندس چوڻ هو ته سياستدان هجي يا عدليا، فوج توڙي سرڪاري ملازم، جيستائين قانون سڀني لاءِ هڪ نه هوندو ڪرپشن جو ناسور ختم نه ڪري سگهنداسين، بلين ٽري، عليما باجي جي سلائي مشينن سميت هر هنڌ ڪرپشن آهي، نالائق حڪومت جو هر ميدان ۾ مقابلو ڪري رهيا آهيون، ضمني چونڊ ۾ فتح ثابت ڪري ڇڏيو ته عوام پي ٽي آءِ نه پر پي ڊي ايم سان گڏ آهي. پ پ چيئرمين موجب سينيٽ چونڊن ۾ حڪومت کي ٽف ٽائم ڏئي رهيا آهيون، حڪومت کي پهريون ڀيرو پنهنجي ئي ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ اتحادين سان ڳالهائڻ تي مجبور ڪيوسين پر هاڻ گهڻي دير ٿي چڪي آهي، اهي اسان سان رابطي ۾ آهن، سندن لاءِ موقعو آهي ته اهي ثابت ڪن عوام سان گڏ آهن يا هٿ ٺوڪين سان. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته يوسف رضا گيلاني کي اسلام آباد مان پي ڊي ايم اميدوار آڻڻ تي حڪومت پريشان آهي، حفيظ شيخ کي ڪامياب ڪرائڻ مهانگائي ۾ واڌ ۽ آءِ ايم ايف جي غلامي برابر آهي، يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي سان پارليامينٽ جي عزت وڌندي ۽ جمهوريت ڪامياب ٿيندي، سينيٽ چونڊن کانپوءِ لانگ مارچ ٿيڻو آهي، تنهن ڪري عوام تياري ڪري، هٿ ٺوڪئي ۽ ناجائز وزيراعظم کي گهر موڪلينداسين.
199