حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سي سي آءِ اجلاس سينيٽ چونڊن جي سياسي گرمي وڌي وڃڻ سبب ٿيو آهي، ڇو ته ان صورتحال ۾ معاملن تي بهتر انداز سان ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهندي. حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته سي سي آءِ جي گڏجاڻين ۾ وزيراعظم عمران خان وڏي وزير مراد علي شاهه کي ڳالهائڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏيندو آهي، وڌيڪ وقت مراد علي شاهه کي ملندو آهي، مراد علي شاهه جي ڳالهه غور سان ٻڌي ويندي آهي. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ صوبن کي سمورا وڏا اختيار ملي ويا آهن ۽ چيو ويو ته صوبا ٽيڪس جي اوڳاڙي پاڻ ڪندا پر صوبا ٽيڪس جي اوڳاڙي ۾ ايترا بهتر ناهن ٿيا، ايف بي آر ٽارگيٽ کان اڳتي وڌي ويو آهي
183