186

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي آزادي جو فيصلو ملتوي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ جي آزادي جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ چيو ته جوابدار جي ضمانت جي درخواست تي اڄ ئي فيصلو ٻڌايو ويندو. پوءِ عدالت فيصلو سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته حليم عادل شيخ تي سرڪاري ڪم ۾ مداخلت، هنگامي، هوائي فائرنگ سميت ٻيا الزام آهن ۽ مٿس ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو