125

ڪيتري ئي عرصي کان گم اي اين پي اڳواڻ اسد خان اچڪزئي جو لاش هٿ

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪيترن ئي مهينن کان گم عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) بلوچستان جي اطلاعات سيڪريٽري اسد خان اچڪزئي جو لاش هٿ آيو آهي. عوامي نيشنل پارٽي بلوچستان جي صدر اصغر خان اچڪزئي تصديق ڪئي آهي ته اسد خان اچڪزئي جو لاش اڄ ڪوئيٽا مان هٿ آيو آهي. اسد خان اچڪزئي اي اين پي بلوچستان جو اطلاعات سيڪريٽري هو ۽ اصغر خان اچڪزئي موجب هو 5 مهينن کان گم هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو