190

رپڙي ڀرسان گهر جي ڀت ڌماڪي سان پَٽِ، 6 پورهيت دٻجي ويا، 3 ڄڻا فوت، 3 زخمي

ڪنگري (ويب ڊيسڪ) رپڙي لڳ دل ڏکوئيندڙ واقعو، ڪچي گھر جي ڀت ڊاهڻ دوران ڌماڪي سان ڪري پئي 6 پورهيت دٻجي ويا، 3 پورهيت فوت، 3 زخمي، اسپتال منتقل، علائقي ۾ سوڳ گھرن ۾ ڪهرام. رپورٽ موجب رپڙي لڳ ڳوٺ ٽاڳڙو ۾ دل ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو آهي، مدرسه عطاءُ العلوم رپڙي جي مهتمم سيد احمد شاهه جي گھر جي ڪچي ڀت ڊاهڻ دوران اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪم ڪندڙ 6 پورهيت دٻجي ويا جن مان 2 پورهيت 36 سالا عزيزالله پٽ نورمحمد ٽاڳڙو ويٺل ڳوٺ ٽاڳڙو، فضل الرحمٰن پٽ محمد معروف اڄڻ ويٺل ٽنڊومستي موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 4 پورهيت عبدالحليم مري، سلطان اڄڻ، وسيم ميمڻ، مجاهد اڄڻ سخت زخمي ٿي پيا، اطلاع تي سوين علائقي واسي، وارث توڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين توڙي زخمين کي خيرپور اسپتال منتقل ڪيو جتي 25 سالا پورهيت عبدالحليم پٽ گل محمد مري ويٺل ٽنڊومستي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سلطان اڄڻ ۽ وسيم ميمڻ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. جڏهن ته فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گھرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇائنجي وئي آهي. ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته مدرسي مهتمم احمد شاهه جي گھر جي ٻاهرين ديوار زبون ٿي وئي هئي، جنهن کي پورهيت ڊاهي رهيا هئا ته ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهنڪري 6 ئي پورهيت ڀت هيٺان اچي ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو