133

ڪنگري ۾ اوڍا-ناريجا-ڀٽا تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، اوڍن جو پيرسن مارجي ويو، ڌريون مورچابند

ڪنگري (ويب ڊيسڪ) اوڍا، ناريجا، ڀٽا تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، برقعا پهريل هٿياربندن جي پريالوءِ وچ شهر ۾ ڇتي فائرنگ، اوڍا برادري جو پيرسن قتل، ڇڪتاڻ، ڌرين جا ماڻهو مورچابند ٿي ويا. رپورٽ موجب ڪنگري ۾ اوڍا، ناريجا ۽ ڀٽا ڌرين ۾ هلندڙ خوني ويڙهاند سبب ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، جڏهن ته موٽرسائيڪل تي برقعا  پهريل هٿياربندن پريالوءِ جي وچ شهر الفاروق چوڪ وٽ هڪ دڪان تي حملو ڪري ڇتي فائرنگ ڪئي، فائرنگ جي نتيجي ۾ پيرسن حافظ شيرمحمد ولد الهجڙيو اوڍو عمر 70 ورهيه موقعي قتل ٿي ويو، جڏهن ته پريالوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتيء جو لاش تحويل ۾ وٺي ڳاڙهي موري اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته لاش ڳوٺ قائم الدين اوڍو پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو. ان ڏس ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته حافظ شيرمحمد اوڍو بجلي جي موٽرن ۽ ٽرانسفارمرن جو مستري ان وقت موٽرن جي مرمت ڪري رهيو هو ته هٿياربندن کيس گوليون هڻي قتل ڪيو. ان ڏس ۾ اوڍا برادري جي حاجي عبدالرزاق اوڍو، زمان الله اوڍو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ناريجا برادري جي هٿياربندن حملو ڪري اسان جي همراهه کي قتل ڪري سرعام فرار ٿي ويا. پر پوليس ڪجھ به نه ڪيو. هنن چيو ته پوليس وڏي تڪرار هوندي به حفاظت لاءِ هٿيار رکڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، بي هٿيار هجڻ ڪري اسان ناحق مارجي رهيا آهيون.  ياد رهي ته اوڍا، ڀٽا، ناريجا ڌرين ۾ خوني ويڙهاند بدنام ڌاڙيل بلاول عرف بلو ناريجو جي مارجڻ بعد شروع ٿي جنهن ۾ هيل تائين 3 پوليس اهلڪارن سميت 17 ماڻهو مارجي چُڪا آهن. علائقي جا اسڪول بند، ۽ زمينون غير آباد ٿي ويون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو