189

نواز ليگ اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حمزه شهباز ضمانت تي آزاد

لاهور (ويب ڊيسڪ) نواز ليگ اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حمزه شهباز کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي، حمزه شهباز کي سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل مان آزاد ڪيو ويو، حمزه شهباز جي هڪ، هڪ ڪروڙ رپين جي ضمانتي مچلڪي ادريس رفيق ۽ عديل خان جمع ڪرائي، جنهن جو عدالتي عملي طرفان جائزو ورتو ويو، ضمانتي مچلڪن جي تصديق بعد حمزه شهباز جي آزادي جو حڪم جاري ڪيو ويو، احتساب عدالت جي ڊيوٽي جج اڪمل خان حمزه شهباز جي آزادي جو حڪم جاري ڪيو ٻئي پاسي ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز چيو آهي ته جيل ن ليگ اڳواڻن لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي ۽ اڄ سڄي قوم احتساب جي تماشي جو انجام ڏسي ڇڏيو. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت تي آزادي کانپوءِ ڪارڪنن کي پنهنجي پهرين تقرير ۾ حمزا شهباز چيو ته مان ڪڏهن اهڙو ليڊر ناهي ڏٺو، جيڪو پنهنجي بيمار گهرواري کي ڇڏي ڌيءَ جو هٿ پڪڙي جيل ويو هجي ۽ انتقام کي منهن ڏنو هجي، جعلي حڪومت کي تقريبن 3 سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن ۽ ان عرصي ۾ سياسي انتقام باوجود شريف خاندان خلاف هڪ ٽڪي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو