205

مالي سال 22-2021ع جي بجيٽ ۾ تعليم جي بجيٽ ۾ 262.8 ارب روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته مالي سال 22-2021ع جي بجيٽ ۾ تعليم جي بجيٽ ۾ 262.8 ارب روپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته استادن جي بدلي، پوسٽنگ ۽ ڀرتين جي حوالي سان سنڌ ڪابينا جي منظوري سان پاليسي مرتب ڪئي وئي آهي، جنهن بعد اسڪولن ۾ استادن جي حاضري ۽ استادن جو معيار بهتر ٿيندو. اسڪولن ۾ استادن سان گڏوگڏ ٻارن جي حاضري کي يقيني بنائڻ لاءِ بائيوميٽرڪ سسٽم متعارف ڪرايو ويندو، جنهن جو ذميوار لاڳاپيل اسڪول جو هيڊ ماستر هوندو. اهڙو اظهار هن سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي آڊيٽوريم ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سعيد غني چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ نون اسڪولن جي ڀيٽ ۾ پراڻن اسڪولن جي مرمت ۽ انهن کي بهتر بنائڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو ۽ مالي سال 22-2021 جي بجيٽ ۾ 117 نين اسڪيمن سان گڏوگڏ 186 جاري اسڪيمون کي مڪمل ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو