لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته انشاالله آزاد ڪشمير جو صدر ۽ وزيراعظم تحريڪ انصاف مان ئي هوندو ۽ آزاد ڪشمير ۾ گلگت بلتستان چونڊن جهڙي شڪست مخالفن جو مقدر هوندي، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ 1.5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري حڪومتي پاليسين تي اعتماد جو اظهار آهي، اپوزيشن جيتري مرضي رڪاوٽون وجهي ڇڏي حڪومت اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏيڻ جو واعدو ضرور پورو ڪندي. گورنر هائوس ۾ تحريڪ انصاف جي مرڪزي ميمبر شوڪت بسرا ۽ آزاد ڪسمير مان ملاقات ڪندڙ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي وفد سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان رڳو ڪشميرين جو ئي نه فلسطينين جو پڻ سفير بڻجي انهن جي آزادي جو ڪيس وڙهي رهيو آهي، آزاد ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وفاقي حڪومت سمورا وسيلا فراهم ڪري رهي آهي ۽ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ برابر ترقي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ اڄ پاڪستان معاشي سميت هر شعبي ۾ ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪندي. گورنر پنجاب چيو ته اپوزيشن آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪاميابي جو خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي ڇو جو اپوزيشن کي جهڙي طرح گلگت بلتستان ۾ شڪست ٿي چڪي آهي اهڙي ئي شڪست انهن کي آزاد ڪشمير جي عام چونڊن ۾ ٿيندي ۽ عوام جو فيصلو پاڪستان تحريڪ انصاف جي حق ۾ ئي ايندو.
221