205

دبئي ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيتن جي موڪليل ناڻي ۾ 7.5 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيتن جي موڪليل ناڻي ۾ هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 11 مهينن ۾ گذريل مالي سال جي ساڳي مدي جي ڀيٽ ۾ 7.5 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 11 مهينن ۾ دبئي ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيتن 4.650 ارب ڊالر جو مٽا سٽا وارو ناڻو ملڪ موڪليو، گذريل مالي سال جي ساڳي مدي ۾ دبئي ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيتن 4.326 ارب ڊالر جو مٽا سٽا وارو ناڻو ملڪ موڪليو هو، 11 مهينن ۾ دبئي ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيتن جي موڪليل ناڻي ۾ 7.5 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو