208

ماهره خان جا فلم انڊسٽري ۾ 10 سال مڪمل، شوبز شخصيتن جون مبارڪون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ادڪاره ماهره خان کي فلم اندسٽري ۾ 10 سال مڪمل ٿي ويا. هن جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي اداڪره عائزه خان، ڀارتي اداڪاره موني راءِ، عائشا عمر ۽ ندا ياسر نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي کيس مبارڪون ڏنيون آهن. ماهره خان 2006 ۾ وي جي طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ 2011 ۾ عاطف اسلم سان گڏ فلم بول ۾ نظر آئي، جنهن تي سندس نالو لڪس اسٽائل ايوارڊ ۾ بهترين اداڪاره لاءِ نامزد ٿيو. ماهره خان سيريل همسفر سبب شهرت جون بلنديون حاصل ڪيون. جنهن کانپوءِ هو ڪيترن ئي فلمن ۾ نظر آئي. ماهره خان نئين ڊرامه سيريل ”هم ڪهان ڪي سچي ٿي“ ۾ نظر ايندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو