ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ نامعلوم هٿيار بندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي 30 ورهين جي نوجوان کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو . رپورث مطابق ڪراچي جي شاهراهه نورجهان ٿاڻي جي حد ۾ واقع نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ نامعلوم هٿيار بندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي 30 ورهين جي محمد عثمان پٽ ميان عمر صادق کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. زخمي کي عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي . پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت جاچ ڪري رهيا آهيون .
130