213

آمدني واپار تي مال برداري ۽ انشورنس جي خرچن ۾ 23.18 سيڪڙو جو اضافو

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) ملڪي آمدني واپار تي مال برداري ۽ انشورنس جي خرچن ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ گذريل مالي سال جي ان مدي جي ڀيٽ ۾ 23.18 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ آمدني واپار تي مال برداري ۽ انشورنس جي خرچن جو ڳاڻيٽو 1.244 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي ڀيٽ ۾ 23.18 سيڪڙو جو اضافو آهي، گذريل مالي سال جي ان مدي ۾ آمدني واپار تي مال برداري ۽ انشورنس جي خرچن جو ڳاڻيٽو 1.010 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو