171

پاڪستان کجي پيدا ڪندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ چوٿين نمبر تي اچي ويو

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ کجي جي سالياني پيداوار 6 لک 35 هزار ٽن کان به وڌي وئي جنهن کان پوءِ پاڪستان کجي پيدا ڪندڙ ملڪن جي لسٽ م چوٿين نمبر  تي اچي ويو آهي زراعت کاتي جي ترجمان موجب کجي جي ملڪي ضروريات پوري ڪرڻ کانسواءِ اضافي پيداوار بر آمد ڪري قيمتي مٽا سٽا وارو ناڻو  ڪمائي سهگجي ٿو هن چيو ته اها افسوسناڪ ڳالهه آهي ته پاڪستان کجي جي پيداوار ۾ 15 سيڪڙو حصو بر آمد ڪري رهيو آهي جيڪو 98 ٽن آهي ان جي ابتڙ مقامي کپت 5 سيڪڙو تائين محدود آهي هن چيو ته سڄي دنيا ۾ هڪ ارب 70 ڪروڙ جي مسلمان آبادي ۾ پاڪستاني کجي جو حصو 2 سيڪڙو کان به گهٽ آهي ان طرف ڏيان ڏيڻ سان اربين رپين جو مٽا سٽا وارو ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو