اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، سينيٽ جي چيئرمين کي نيب جي سالياني رپورٽ سال 2020ع پيش ڪئي وئي، نيب جي چيئرمين سينيٽ چيئرمين کي ملڪ ۾ جاري احتسابي عمل بابت تفصيلي آگاهه ڪندي چيو ته ملڪ ۾ احتسابي عمل کي وڌيڪ شفاف ۽ موثر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن احتساب جو غيرجانبداراڻو نظام قائم ڪيو وڃي، سينيٽ چيئرمين چيو ته احتساب جي عمل ۾ شفافيت ۽ غير جانبداري کي هر صورت ۾ برقرار رکيو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته احتسابي عمل جي آڙ ۾ واپارين ۽ سيڙپڪار جي هراسان ٿيڻ جي مبينه تاثر جو خاتمو ڪيو وڃي، سينيٽ جي چيئرمين چيو ته ڪرپشن جي خاتمي سان واپارين کي بهتر ماحول ميسر ايندو جنهن سان ملڪ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ميسر ٿيندو، نيب جي چيئرمين سينيٽ چيئرمين کي آگاهه ڪيو ته پارليامينٽ جا ميمبر، لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز ۽ ڪاروباري طبقي پاران مثبت تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي، هن چيو ته احتسابي عمل کان ڪنهن کي ڊجڻ جي ضرورت نه آهي، قومي احتساب بيورو ايجنڊا صرف پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سازگار ۽ ڪرپشن کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ آهي.
224