اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 20 فوتگيون ٿيون جنهن مان 11 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 914 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 27 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 24 سيڪڙو، پشاور ۾ 19 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 22 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 25 سيڪڙو، مظفر آباد ۾ 19 سيڪڙو، راولپنڊي ۾ 17 ۽ گلگت ۾ 42 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 44 هزار 496 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 52، پنجاب ۾ 15 هزار 565، خيبرپختونخواهه ۾ 10 هزار 106، اسلام آباد ۾ 3 هزار 180، بلوچستان ۾ 790، گلگت بلتستان ۾ 339، آزاد ڪشمير ۾ 464 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 1 هزار 201 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 258 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 32 هزار 225 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 55 هزار 657 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 20 هزار 243، بلوچستان ۾ 27 هزار 64، گلگت بلتستان ۾ 6 هزار 19، اسلام آباد ۾ 82 هزار 596، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 37 هزار 759، پنجاب ۾ 3 لک 45 هزار 900 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 36 هزار 76 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 22 هزار 231 آهي جن مان سنڌ ۾ 5 هزار 418 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. پنجاب ۾ 10 هزار 729 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 8 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 308 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 776 فوتگيون ٿيون. بلوچستان ۾ 307 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 111 فوتگيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 582 فوتگيون ٿيون. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 44 لک 60 هزار 890 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 639 اسپتالن ۾ 2 هزار 214 مريض علاج هيٺ آهن.
