اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرح حبيب چيو آهي ته اسان کي آئين ۽ قانون جي بالادستي جو سبق ڏيندڙ پاڻ اعليٰ عدليه جي فيصلن کي نٿا مڃين، جنهن عدالت نواز شريف کي طبي بنيادن تي 8 هفتن جي ضمانت ڏني انهي عدالت انهي جون اپيلون رد ۽ سزا بحال ڪري ڇڏي، نواز شريف کي واپس آڻڻ جي گارنٽي پوري نه ڪرڻ تي شهباز شريف کي مخالف ڌر اڳواڻ رهڻ جو ڪو به حق نه آهي. هو سومر ڏينهن پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته هڪ طرف اسان کي قانون ۽ آئين جي بالادستي جو سبق ڏيندا آهن، ٻي طرف اها عدالت جنهن طبي بنيادن تي 8 هفتن جي ضمانت ڏني، اپيلون داخل ٿيڻ تي نواز شريف جي سزا کي معطل ڪيو، انهي عدالت هاڻي اپيلون خارج ڪندي ايون فيلڊ، العزيزيه ريفرنس ۾ سزائون بحال ڪري ڇڏيون آهن، هن چيو ته آئين ۽ قانون جي حاڪميت جو درس ڏيندڙن ۾ ٽڪراءُ موجود آهي، اهي عدالتي فيصلي تي عمل ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن، هن ڪيلبري فونٽ جعلي ٽرسٽ ڊيڊ ۽ قطري خط کانسواءِ انهن وٽ ڪجهه نه آهي، نواز شريف جن محلن ۾ زندگي گذاري رهيو آهي ان جو رڪارڊ ئي نه آهي، هن چيو ته شهباز شريف، نواز شريف کي واپس آڻڻ لاءِ ضامن هو ۽ رات جو سوڙهي گهٽيءَ مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هن چيو ته شهباز شريف ايوان ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهي نصيحت ڪندو ۽ پاڻ ميان فصيحت آهي. هن چيو ته مريم صفدر ٻڌائي ڇڏيو ته نواز شريف بلڪل ٺيڪ آهي، کيس اين آر او ڏيو ته واپس اچي ويندو، هن چيو ته پوري خاندان جي جدوجهد چاهي پير پڪڙڻ يا مزاحمت سان مفاهمت جي طرف هجي، سڄو سفر چوري تي مڪ مڪا جي لاءِ آهي، انهن جو پاڪستان جي عوام، سڌارن، شفاف چونڊن سان ڪو به تعلق نه آهي، اهي چاهين ٿا ته شريف خاندان جي سلطنت مغليه قائم رهي سگهي پر ان جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ عمران خان آهي، هن چيو ته عمران خان واحد اڳواڻ آهي جنهن ٻاهرين ملڪن ۾ ڪا به جائيداد ناهي ٺاهي ۽ پنهنجا اثاثا وڪرو ڪري پاڪستان آندا، پبلڪ آفيس هولڊر نه هوندي به 40 سالن جو رڪارڊ پيش ڪيو ۽ 60 دستاويز جمع ڪرايا ان مان ڪو به جعلي ٽرسٽ ڊيڊ يا قطري خط نه هو ان لاءِ عدالت عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏنو آهي، هن چيو ته نواز شريف لنڊن ۾ ويهي عدالتي ڀڳوڙو بڻجي الطاف حسين بڻجي سگهي ٿو پر نيلسن مينڊيلا نٿو بڻجي سگهي، هاڻي فيصلو اچي چڪو آهي ته الطاف حسين بڻجڻو آهي يا پاڪستان واپس اچي عدالتن کي منهن ڏيڻو آهي.
180