227

زراعت جي حوالي سان حڪومتي سطح تي پهريون ڀيرو واضح تبديلي آئي آهي: سيد فخر امام

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام چيو آهي ته زراعت جي حوالي سان حڪومتي سطح تي پهريون ڀيرو واضح تبديلي آئي آهي، زراعت حڪومت جي ترجيح آهي، زرعي نصاب کي جديد دور جي گهرجن موجب آڻڻ جي لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ گهرجي، سويابين جي پوکيءَ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي، خيبرپختونخواهه ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ سويابين جي پوکيءَ ڪئي ويندي، جيستائين اسان زراعت ۾ جديد تحقيق ۽ طريقن طرف نه وينداسين اسان ان شعبي ۾ دنيا جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهون. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي مختلف منصوبن جي لاءِ ڪٽوتي جي رٿن تي بحث سهيڙيندي سيد فخر امام چيو ته زراعت ملڪي جي ڊي پي ۾ 19.3 سيڪڙو جو حصو ڏئي رهي آهي، 38 سيڪڙو نوڪريون اهو شعبو فراهم ڪري رهيو آهي، ان جي اهميت مستقبل ۾ به گهٽ نه ٿيندي. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته وزيراعظم عمران خان زراعت کي ترجيح ڏئير هيو آهي. هر هفتي هو زراعت جي حوالي سان ڪنهن ڪنهن سرگرمي ۾ حصو وٺي ٿو. نئين سال جي وفاقي بجيٽ ۾ زراعت جي لاءِ 25 ارب رپيا فوري طور تي ڏنا ويندا. 13 ارب بجيٽ ۾ رکيا آهن جڏهن ته 16.5 ارب رپين جي لاءِ ناڻي واري وزير سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي. اها زراعت بابت حڪومتي طرزعمل ۾ هڪ واضح تبديلي آهي. 18 هين ترميم کانپوءِ زراعت جو شعبو صوبن وٽ آهي، وفاق رڳو عمل انگيز طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. پاليسي فريم ورڪ، تحقيق ۽ تحقيقي ادارن ۾ بهتري ۽ عالمي منظرنامي موجب مقامي زراعت کي ڏسڻ مرڪز جي ذميواري آهي. وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار ۾ ٻه ملين ٽن جو اضافو ٿيو آهي جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. ڪڻڪ جا محفوظ ذخيرا ٺاهيا پيا وڃن، ڪڻڪ جي امدادي قيمت 1400 مان وڌائي 1800 رپيا ڪئي وئي. هن چيو ته ٻجن جو پئمانو ۽ سرٽيفڪيشن ٻه اهڙا شعبا آهن جن ۾ اسان بهتري طرف وڃي رهيا آهيون. ٻج ۾ خالص پن ۽ معيار کي ڏٺو وڃي ٿو. جيستائين ڪپهه جي ٻج جي ڳالهه آهي ته ان کي اسان فوري طور تي برآمد نه ٿا ڪري سگهون ڇو ته نئين قسم جي مقامي آبهوا سان هڪ جهڙائي ۾ ڪيترائي سال لڳن ٿا. حڪومت واٽر ڪورسز جو وسيع پروگرام شروع ڪيو آهي، ليزر ليولنگ به آهستي آهستي اڳتي وڌي رهي آهي. هن وقت رڳو پنجاب ۾ آبپاشي جي لاءِ 50 سيڪڙو واهن جو پاڻي ۽ 50 سيڪڙو زمين هيٺ پاڻي جو استعمال ٿي رهيو آهي. زمين هيٺ پاڻي تمام محدود آهي ۽ ان جي سطح ۾ وقت سان گڏ گهٽتائي ايندي ويندي. اسان کي نئين پاڻي ذخيرن جي تعمير تي ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن مسقبل جي چئلينجز کي منهن ڏئي سگهون. هن چيو ته 1947ع ۾ في ڪس پاڻي جو مقدار 5 هزار ليٽر هو جيڪو هاڻي گهٽ ٿي 800 ليٽر ٿي ويو آهي. اسان کي مستقبل جي نسلن ۽ جهنگلي جيوت کي محفوظ بڻائڻو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو