135

پاڪستان سوئٽزرلينڊ کان وڌيڪ خوبصورت ملڪ آهي، سياحت سان ملڪ ۾ پئسا ايندا ۽ عوام کي روزگار ملندو: وزيراعظم عمران خان

ناران (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان سوئٽزرلينڊ کان وڌيڪ خوبصورت ملڪ آهي، سياحت سان ملڪ ۾ پئسا ايندا ۽ عوام کي روزگار ملندو، وڻڪاري ۽ ماحول جي تحفظ لاءِ گارڊز ۽ نگهبان مقامي آبادي مان رکيا ويندا، آلودگي کان تحفظ لاءِ قانونن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ناران جي دوري دوران ٽائيگر فورس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته مون کي علائقي ۾ تمام گهڻي وڻڪاري ڏسي ڪري خوشي ٿي، ڪلين اينڊ گرين پاڪستان اسان جو ويزن آهي، اسان کي ايندڙ نسلن لاءِ سرسبز ۽ شاداب ۽ صاف سٿرو پاڪستان ڇڏي وڃڻو آهي. ايندڙ نسل ان تي اسان جا ٿورائتا رهندا، وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان اسان جي بزرگن انصاف ناهي ڪيو ۽ وڻ ۽ ٻيلن جي تباهي ڪئي ۽ ايندڙ نسل جي باري ۾ نه سوچيو، هن چيو ته اسان جي لاءِ اهو هڪ چئلينج آهي ته اسان کي ماحول کي بهتر بڻائڻو آهي، وزيراعظم چيو ته هو سڄي دنيا گهميو آهي، دنيا ۾ شايد ئي ڪا جڳهه ناران ڪاغان جيتري خوبصورت هجي، اسان کي انهن نعمتن تي الله جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسان ان جو خيال رکون ۽ ان جي حفاظت ڪريون. وزيراعظم علائقي جي ڪمشنر پاران ڏنل بريفنگ کي ساراهيندي چيو ته وڻڪاري ۽ ماحول لاءِ گارڊز ۽ نگهبان مقامي ماڻهن مان ئي چونڊيا ويندا، هن چيو ته ڪنهار دريا ۾ گندگي اڇلائي ويندي آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ سختي سان قانون تي عملدرآمد ڪرايو وڃي، وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سياحت تيزي سان فروغ وٺي رهي آهي پر اهو هڪ چئلينج آهي ته اسان صفائي ۽ ماحول جي تحفظ کي يقيني بڻايو ۽ گند کي صحيح طريقي سان ٺڪاڻي لڳايون. وزيراعظم چيو ته ڪنهار دريا جي مشهور ٽرائوٽ مڇي سڄي پاڪستان ۾ پسند ڪئي ويندي آهي ان جي حفاظت ۽ پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته سياحت سان ملڪ ۾ پئسو ايندو ۽ عوام کي روزگار ملندو، سوئٽزرلينڊ جيڪو اسان جي مقابلي ۾ تمام ننڍو ملڪ آهي سياحت مان 80 ارب ڊالر ڪمائندو آهي جڏهن ته اسان جو ڪل روانگي واپار 25 ارب ڊالر آهي، سوئٽزرلينڊ کان وڌيڪ خوبصورتي هنن علائقن ۾ آهي پر اسان ان جو تحفظ ناهيون ڪندا،اسان کي ان تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ پنهنجي سياحتي علائقن جو خاص خيال رکڻو آهي، ان کان اڳ ۾ وزيراعظم کي علائقي جي ڪمشنر رياض خان سياحت ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ کنيل قدمن ۽ منصوبن جي باري ۾ بريفنگ ڏني.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو