125

ڪورونا ڪيس گهٽجڻ باوجود فوتگين جو انگ گهٽ ناهي ٿيو، شهري ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل سان گڏ وئڪسين به لڳرائين: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 9 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 431 ڪيس سامھون آيا ۽ 405 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن.  وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وباءَ بابت جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 11419 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ 431 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن يعني تشخيص واري شرح 3.8 سيڪڙو بڻجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وڌيڪ 9 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جنھن کانپوءِ گڏيل انگ 5427 ٿي ويو آھي يعني فوتگيءَ واري شرح 1.6 سيڪڙو بڻجي ٿي. وڏي وزير چيو آھي ته هيستائين 4480601 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آھي ۽ 336490 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن چيو ته اڄ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 405 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين گڏيل طور تي 311779 مريض صحتياب ٿيا آھن يعني صحتيابي جي شرح 92.7 سيڪڙو بڻجي ٿي. ھن چيو ته ھن وقت 19284 مريض علاج ھيٺ آھن جن ۾ 18615 مريض گهرن ۾، 608 مريض مختلف اسپتالن ۾ ۽ 61 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو ته 553 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي جن مان 50 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو آھي ته صوبي جي 431 ڪوويڊ ڪيسن مان 229 ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آھن. ضلعيوار انگ اکر بيان ڪندي ھن وڌيڪ چيو ته ڪراچي اوڀر مان 111، ڪراچي ڏکڻ 54، ڪورنگي 29، ڪراچي سينٽرل 34 ۽ ڪراچي اولھ 7  مان نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ٺٽو 24، بدين 23، حيدرآباد 15، مٽياري 15، ٽنڊو الھيار 14، دادو 13، نوشھروفيروز ۽ سانگھڙ 10-10، شهيد بينظير آباد 8، ٽنڊو محمد خان 7، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص 5-5، لاڙڪاڻو 2، سجاول ۽ گھوٽڪي 1-1 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آھي ته پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي زندگي بچائڻ لاءِ لازمي طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو وڃي. سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس گهٽجڻ باوجود فوتگين جو انگ گهٽ ناهي ٿيو، شهري ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل سان گڏ وئڪسين لڳرائين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو