143

پيپلزپارٽي صحافين جي تحفظ وارو بل سنڌ اسيمبلي مان ٻيھر منظور ڪرائي رھي آھي: ناصر حسين شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھه سنڌ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ اڌر ميڊيا پريڪٽشنرز بل 2021 جي سنڌ اسيمبلي مان ٻيھر منظوري تي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن کي واڌايون ڏنيون آھن. ان اڳ بل ٻيھر اسيمبلي پيش ڪرڻ جي موقعي تي خطاب ڪندي ، ھن چيو ته گورنر سنڌ بل تي غير ضروري اعتراض واري بل واپس ڪيو. ان جو جواب ڏيڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان ٻيھر بل منظور ڪرائيندس ته جيئن صحافين جي تحفظ ۾ رڪاوٽون وجهندڙن جي توثيق جي ضرورت ئي نه پوي. ھن چيو ته پي ٽي آئي کان  ميڊيا جي آزادي  ھضم ئي نه پئي ٿئي. وفاقي حڪومت آرڊيننس ۽ نوان قانون آڻي ميڊيا تي پابنديون مڙھڻ چاهي ٿي ۽ ميڊيا جو ڳلو دٻائي رکڻ چاهي ٿي. ھن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي صحافين جي تحفظ وارو بل سنڌ اسيمبلي مان ٻيھر منظور ڪرائي رھي آھي ۽ ھاڻي اھڙن ماڻھن جي توثيق جي ضرورت ئي نه پوندي، جيڪي ان ۾ رڪاوٽون وجھي رهيا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو