ليکڪ: علي حيدر قريشي
اسان جو شھر ڀرياروڊ ضلعي نوشھرو فيروز جو اھم شھر آهي ۽ اسان جي ڀرپاسي جي شھرن کان ترقي يافتا شھر آهي جنهن ۾ امير ۽ غريب ھر برادري ۽ قوم جو فرد به پنهنجو وقت سٺي طريقي سان گذاري رھيو آهي، ھتي ڪاروباري لاڙو بھتر آهي، پر تعليمي لاڙو تمام گھٽ ھو ۽ ھاڻي ڪيترائي نوجوان تعليمي ادارن سان واڳيل آهن، اڄوڪي ھن مقابلي واري دور ۾ ڀرياروڊ به تعليمي رجھان ۾ ڪاميابي ماڻي رھيو آهي، ھن شھر ۾ اڳواڻ، اديب ۽ دانشور نوجوانن کي سٺي طرح سکيا ڏئي رھيا آهن ۽ نوجوانن ۾ جوش ۽ جذبو ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو جذبو پڻ موجود آهي، پر ھن شھر جي نوجوانن کي جيڪڏهن وقت سان گڏوگڏ تعليمي سھولتون ڏنيون وڃن ته اھو سٺو ثابت ٿيندو آئون سمجھان ٿو ته ترقي ڏاڍي ڏکي ٿيندي آهي ۽ اھا خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن ٻين شھرن ۾ لائبريريز ٺھيل ھجن پر انھن ۾ ڪيترائي نوجوان جيڪي گھرن ۾ يا ڪنهن مخصوص جاءِ تي پنهنجي پڙھائي جاري نه پيا رکي سگھن، اھي لائبريري اچي پڙھائي ڪندا آهن، آخرڪار ڪنهن وڏي عھدي تي وڃي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا آهن بلڪل ائين ڀرياروڊ کي به ھڪ پبلڪ لائبريري ٺھرائي ڏني وڃي ته اسان جھڙا نوجوان پنهنجي ئي شھر ۾ پڙھائي جاري رکن ۽ ڪنهن عھدي تي رسن ته جيئن اسانجي شھر جو نالو ٻين شھرن جي ڀيٽ ۾ بھتر ٿي وڃي ان لاءِ مان پنهنجي نوجوانن کي پرزور اپيل ڪندس ته ان تي غور ڪن ته اسان کي پڙھي لکي معاشري ۾ وڏيري ۽ جاگيردار جي غلامي کان نڪرڻو آهي ۽ ڪنهن وڏي عھدي تي پهچي آفيسرن جيان زندگي گذاريون، لائبريريز کولڻ سان اسان کي کوڙ سارا فائدا پھچن ٿا ۽ اتي چٽا ڀيٽي جي امتحان لاءِ نوجوان پڻ تياري ڪن ٿا ته پوءِ اھڙيون لائبريريز قائم ڪيون وڃن ته جيئن نوجوان نسل پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ انهن لائبريري مان لاڀ حاصل ڪري تعليم جي ميدان ۾ اڳتي اچي دنيا ۾ پنهنجو، پنهنجي والدين ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهي ۽ اسان ھڪ سٺو معاشرو قائم ڪري هڪ بهتر زندگي گذاري سگهون.