ليکڪ: پروفيسر گل محمد سومرو
سنڌ يونيورسٽي سنڌ جو ھڪ قديم ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ سرمائي جي حيثيت رکندڙ تعليمي ادارو آھي، هي پاڪستان جي پُراڻي ۽ ٻي نمبر وڏي يونيورسٽي آهي، هي يونيورسٽي 1947ع کان 1951ع جي وچ واري عرصي ۾ ٺهي، 1951ع ۾ ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ٿيڻ کانپوءِ مڪمل طور پڙهائي جو سلسلو جاري ٿيو، ھي يونيورسٽي 1947ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان سنڌ يونيورسٽي ايڪٽ پاس ڪرائي 13 اپريل 1947ع تي ڪراچي جي علائقي رنڇوڙ لائين ۾ پير الاهي بخش ٽيچرس ٽريننگ اسڪول جي جاءِ ۾ قائم ڪئي وئي، سنڌ جو گورنر سر فرانس موڊي سنڌ يونيورسٽي جو پھريون چانسلر، سر غلام حسين ھدايت الله پرو چانسلر، اي بي حليم پھريون وائيس چانسلر مقرر ٿيا، مئي 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي کان حيدرآباد آندو ويو، پاڪستان جي ٺهڻ وقت پاڪستان ۾ صرف هڪ يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف پنجاب“ فعال هُئي، جيڪا صرف پنجاب صوبي ۾ تعليم جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري رهي هُئي. سنڌ صوبي ۾ صِرف هڪ يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف بمبئي“ هُئي جيڪا ورھاڱي کان پهرين ئي بمبئي کان الڳ ٿيڻ ڪري بمبئي جي حصي ۾ آئي، جيڪا هاڻ ڀارت ۾ آهي، ورهاڱي کان پوءِ سنڌ صوبي ۾ تعليم جي بهتريءَ لاءِ هڪ اداري جي ضرورت پئي، جنھن ڪري يونيورسٽي آف سنڌ“ جي نالي سان هڪ بِل قانونساز اسيمبليءَ ۾ پاس ٿيو جيڪو سنڌ کي پڻ هڪ نئين يونيورسٽي قائم ڪرڻ بابت هو، ورهاڱي کان پوءِ 1947ع کان 1955ع تائين حيدرآباد کي سنڌ جِي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو ويو ۽ يونيورسٽي کي پڻ 1951ع ۾ ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي هِن تعليمي اداري کي فعال بڻايو ويو، يونيورسٽيءَ ۾ پهريون شعبو تعليم جو قائم ڪيو ويو. جنهن جو وائيس چانـسلـر نـاميـارو عالم ۽ فلاسافر علامه آءِ آءِ قاضي مقرر ٿيو جنهن کي پوءِ ”فيڪلٽي آف ايجوڪيشن“ جو نالو ڏنو ويو، ان کان پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ ٻيا به شعبا شامل ڪيا ويا. 1952ع ۾ سنڌي شعبو قائم ٿيو، ان وقت سنڌي شعبي جو انچارج ،ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ جو سربراهه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هو، اھڙي طرح وقت جي لاھن چاڙھن مان گذرندي به ھن يونيورسٽيءَ مان ڪيترائي نوجوان زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ علم جو فيض پرائي قابليت جي بنياد تي نه رڳو ملڪ ۾ پر پرڏيھه ۾ به پنھنجو، ملڪ جو، پنھنجي والدين جو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو نالو روشن ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيا آھن، انھن جي قابليت، مھارت ۽ جدوجھد پويان اصل محنت سنڌ يونيورسٽيءَ جي عظيم استادن، عالمن ۽ محققن جي آھي، جن پنھنجي محنت، جدوجھد، سچائي ۽ قابليت جي بنياد تي شاگردن کي بھترين تعليم ۽ تربيت ڏني، سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخ ۾ يونيورسٽيءَ کي ڊاڪٽر علامه آءِ آءِقاضي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شيخ اياز ۽ ٻين ڪيترين ئي شخصيتن وڏي مرتبي تي پھچائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو، انھن جي محنت ۽ جدو جھد ڪارڻ سنڌ يونيورسٽي ملڪ ۾ مقبوليت ماڻي، سنڌي ٻوليءَ ۾ ھڪ چوڻي آھي ته ” پنج آڱريون برابر ناھن ھونديون“. ڪنھن به گھر، بازار، شھر، ڳوٺ، اداري، ميڙاڪي، مجلس، محفل يا دوستن ۾ سڀ ھڪ جھڙي سوچ جا مالڪ نه ھوندا آھن، انھن ۾ ڪي سٺي فطرت جا مالڪ ھوندا آھن ته ڪي وري انھن ۾ بگاڙ پيدا ڪندڙ ھوندا آھن. ان ڪري ھميشه معاشري ۾ جيڪڏھن ڪو به فرد ڪنھن شخص يا اداري کي نقصان ٿو پھچائي ته ان فرد يا ان اداري سان لاڳاپيل ٻين فردن کي گهرجي ته اھڙي نقصان پھچائيندڙ فرد خلاف آواز بلند ڪن، ڇاڪاڻ ته ڪنھن به غلط ڪم خلاف خاموشي اختيار ڪرڻ وارو عمل اڳتي ھلي پوري قوم يا پوري ملڪ کي ڇيھو رسائيندو آھي يا ته وري فردن جي خاموشي اڳتي ھلي ان اداري جي تباھيءَ جو ڪارڻ بڻجي ويندي آھي، سنڌ يونيورسٽي اسان سنڌ واسين جي لاءِ ۽ خاص طور تي سنڌين جي لاءِ ھڪ غير معمولي سرمايو آھي. ان مان فائدو حاصل ڪرڻ سان گڏ ان جي ترقي، واڌاري ۽ ان اداري جي بھتريءَ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ به اسان سڀني جو اخلاقي فرض آھي، تاريخ گواھ آھي ته اسان جي ئي ڪجهھ سياسي ڪامورن جي غلط پاليسين سبب ڪراچيءَ جي مختلف يونيورسٽين ۾ سنڌ جي ٻين شھرن سان لاڳاپيل سنڌي شاگردن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي ھئي، ان کانسواءِ ھن وقت تائين سنڌ جي مخصوص اٽي ۾ لوڻ برابر يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبو قائم آھي، باقي ڪنھن به يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبو قائم نه ٿو ڪيو وڃي، ايتري قدر جو ڪراچي شھر سنڌ جو گاديءَ وارو ھنڌ آھي پر ان شھر ۾ سنڌي مضمون پڙھائيندڙ استاد جڏھن بي ايڊ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويندا آھن ته انھن ادارن ۾ ڪانٽينٽ يا ميٿڊ ۾ سنڌي مضمون پڙھائڻ کان صاف انڪار ڪيو ويندو آھي. جڏھن ته ڪراچي شھر ۾ سنڌين جو ھن وقت تمام گهڻو انگ وڌي چڪو آھي پر ان جي باوجود به سنڌي مضمون نه ٿو پڙھايو وڃي، 1973ع جي آئين موجب سنڌي مضمون سنڌ جي تمام تعليمي ادارن ۾ لازمي طور ٻارھين درجي تائين پڙھائڻ جو بل پاس ٿيڻ باوجود به ڪراچي شھر ۾ سنڌي آباديءَ وارن علائقن ۾ ٻارھين درجي ۾ سنڌي مضمون پڙھايو وڃي ٿو. باقي ٻين علائقن ۾ سنڌي مادري ٻولي جي شاگردن کي پڻ آسان سنڌي مضمون پڙھايو وڃي ٿو ۽ ان عمل تي اسان جا سنڌي ھٿُ ھٿ تي رکي خاموشيءَ جو روزو رکندي سڀ ڪجھه برداشت ڪري رھيا آھن. ڪو آواز اٿارڻ وارو نه آھي، ملڪ جي ھر اداري، ھر گهر ۽ ھر شھر ۾ صحيح ۽ غلط ماڻھو موجود آھن، ڪراچي يونيورسٽي جو قيام سنڌ يونيورسٽي کان پوءِ عمل ۾ آيو اتي به خوبيون ۽ خاميون آھن پر اتان جا ماڻھو يونيورسٽيءَ کي مڪمل خاتمي کان بچائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيا آھن. سنڌ يونيورسٽي اسان جو عظيم ۽ قديم سرمايو آھي، بزرگن پاران مليل ھڪ بھترين ۽ لازوال تحفو آھي. اسان ان اداري مان تمام گهڻو ڪجھه فيض پرايو آھي. اسان سڀني جو اخلاقي فرض آھي ۽ خاص طور تي ان اداري ۾ ڪم ڪندڙ پروفيسرن، محققن، عالمن، دانشورن ۽ اڳواڻن جو فرض آھي، جن لاءِ اھو ئي ادارو رزق جو ذريعو بڻيل آھي. اسان سڀني کي گڏجي ان اداري جي بھتري، ترقي ۽ مسئلن جي خاتمي لاءِ جدو جھد ڪرڻ گهرجي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جيڪي به مسئلا آھن انھن کي ويھي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، جيڪي سڀني جي ذھنن ۾ غلط فھميون آھن انهن کي پاڻ ۾ گڏ ويھي ختم ڪرڻ گھرجي، اھا پڻ حقيقت آھي ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندڙ شاگردن جو گهڻي ڀاڱي انگ غريب ۽ لاچار خاندانن سان آھي، اھي وڏا ڪشالا ڪڍي في ادا ڪندا آھن ته وري اوچتو في وڌائڻ وارو عمل انھن جي لاءِ ھڪ ڳڻتيءَ جوڳو ۽ پريشان ڪن عمل ئي ثابت ٿي سگھي ٿو. اھڙي عمل سان يقينن انھن شاگردن جي پڙھائيءَ تي خراب اثر پوندو. ان ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ جي انتظاميا، وائيس چانسلر ۽ پروفيسرن کي گهرجي ته في وڌائڻ واري عمل کي روڪيندي شاگردن جي پڙھائيءَ ۾ خلل ۽ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ بدران انھن لاءِ سھولتون پيدا ڪيون وڃن ته جيئن ھو بھتر طريقي سان، معياري تعليم حاصل ڪري سگھن، ان حقيقت کان ھر ڪو واقف آھي ته شاھه لطيف يونورسٽي ھجي يا سنڌ يونيورسٽي ھجي پر ان ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن ۾ گهڻو انگ ڪڙمين، غريبن مزدور طبقي جي اولاد جو آھي ان ڪري شاگردن جي مسئلن کي جيترو جلد ٿي سگھي حل ڪيو وڃي ته جيئن شاگرد بھتر انداز ۾ تعليم حاصل ڪري سگھن.