ليکڪ: پروفيسر ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
حضرت امام سجادعه جي ڪتاب ”اسلام ۾ انساني حق“ جون هن وقت تائين ڇهه عدد شرحون ۽ تعليقات لکيون ويون آهن. جڏهن ته 10 ترجما، 6 فارسي، 3 اردو ۽ هڪ انگريزي زبانن ۾ شايع ٿي چڪا آهن، سنڌي زبان ۾ هي پهريون ترجمو آهي جيڪو سنڌي علم ۽ ادب جي خزاني ۾ املهه اضافو ڳڻيو ويندو.امام سجاد عه الله تبارڪ و تعاليٰ جي انهن نامور، چونڊيل ۽ شاندار انسانن مان آهن جن انساني حقن جي باري ۾ بين الاقوامي واٽ اختيار ڪندي، قانون، فطرت، اخلاقيات ۽ فرض جي سکڻ ۽ پورائي لاءِ حقن جو ڪامل نمونو اهڙن انمول گفتن ذريعي انساني دنيا آڏو پيش ڪيو جنهن تي عمل ڪرڻ سان هڪ پاسي عالمي سطح تي انساني معاشري جي فلاح توڙي صلح ۽ آشتي جي پيغام کي عملي نمونو بڻائي سگهجي ٿو ته ٻي پاسي رسول اڪرم صه جي تعليمات کي پوري دنيا آڏو هڪ مثال بڻائي پيش ڪري سگهجي ٿو.”اسلام ۾ انساني حق“ ۾ ڪُل 22 باب آهن، اهم ڳالهه جيڪا حقن جي سلسلي ۾ امام سجادعه جن ڪرڻ فرمائي آهي اُها ستن حقن جي دائري ۾ داخل آهي جيڪي انسان تي پنهنجي عضون هر هڪ اک، ڪن، زبان، هٿ، پير، پيٽ ۽ شرمگاهه جا مقرر ڪيل آهن، اهي عضوا انساني هاج جو اهم ذريعو آهن. انهن تي جيڪڏهن انسان ضابطو رکي، پنهنجي دائره اختيار ۾ ڪتب آڻيندو ته حقن جي اهڙي جائز رکپالي نه صرف انسان جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڪارآمد ٿيندي پر پورو معاشرو ۽ سماج ان مان فائدو وٺي سگهندو، ڪتاب ۾ جتي فرض نماز ۽ روزي جا حق قرار ڏنل آهن، اُتي صدقي ۽ قرباني جي حقن جي وضاحت ۽ مقصديت بيان ڪري، زندگي جي اصليت ۽ فرد جي حرمت ۽ اهميت کي به اُجاگر ڪيو ويو آهي.قومن ۽ سماجن جي جوڙجڪ، واڌ ويجهه ، ترقي ۽ تعمير جو دارومدار جن حقن جي ادائگي ۽ پورائي سان تعلق رکي ٿو، انهن مان سڀني کان اتم ۽ واجب حق انهن هستين جو آهي جيڪي سماج جي ننڍي وڏي تعمير جا ضامن ۽ عملي ڪارگذارين جا امين آهن. اسلامي دنيا ۾ انهن کي امام ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ ان بعد رتبي ۽ طاقت وارن جا حق، اهڙن ماڻهن سان واڳيل محڪوم، مجبور ۽ مسڪين ماڻهن جا حق ۽ بعد ۾ مائٽن جا حق، جن مان وري ٻيا حق پيدا ٿين ٿا،رسالي ۾ اهي سڀ حق سهڻي ترتيب، قدرت جي قاعدن ۽ الاهي طريقن سان سمجهايل ۽ ٻڌايل آهن، جن تي عمل ڪري انساني سماج کي خوبصورت، صاف سٿرو ۽ سهولتن وارو بڻائي سگهجي ٿو، جهڙي ريت مذهبي ڪتابن ۽ علمي حقن جي چارٽر ۾ انساني برتري ۽ برابري جي ڳالهه ڪيل آهي، اهڙي ريت امام سجاد عه هن ڪتاب ”اسلام ۾ انساني حق“ ۾ حقن جي سمجهاڻي ۽ تفصيل نهايت آساني ۽ رواني سان ڏني آهي، لازمي آهي ته اهڙي ناياب ڪتاب جو هرزبان ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي. اهڙيِ ضرورت کي محسوس ڪندي ديدار علي اڪبري المشهدي ”اسلام ۾ انساني حق“ جو آسان ۽ سوادي سنڌي ۾ ترجمو ڪري اسانجي هٿن تائين پهچايو آهي جيڪا سنڌي پڙهندڙن لاءِ انتهائي فخر ۽ خوشي جي ڳالهه آهي، مترجم جو اهو محققاڻو ڪمال آهي جو رسالي جو ترجمو ڪندي منجهيل مسئلن بابت عربي، فارسي ۽ سنڌي جي 47 مستند ڪتاب تان حوالا وٺي حاشين ۾ وضاحتون به ڏنيون اٿس،لاشڪ هي ڪتاب ڪارائتو ۽ قيمتي آهي ڇو ته هن جي مطالعي سان هر ماڻهو چئلينجن تي سوڀ پائي سگهي ٿو. سنڌي ۾ هن ڪتاب جو ترجمو بنيادي طور تي اسلامي حقن کي سمجهڻ سان گڏوگڏو اسلامي تعليمات کي پرکڻ لاءِ به اهم آهي، ڇو ته ڪربلا جي واقعي کانپوءِ اسلام جي پکيڙ جي حوالي سان امام زادن جو ڪردار انتهائي اهميت وارو آهي، هنن انتهائي ڏکين حالتن ۾ جهڙي ريت پنهنجي وراثت کي سنڀاليو ۽ پکيڙيو آهي، اهو حقيقت اها آهي ته اڃا تائين ظاهر ناهي ٿيو، ان ڪري هن قسم جا ڪتاب مسلمانن لاءِ ناياب گوهر وانگر آهن، اسان وٽ انگريزي توڙي ٻيو ادب ته تمام گهڻو ترجمو ٿيو آهي پر هن قسم جي ڪتابن جي سخت کوٽ محسوس ڪئي پئي وڃي، ان ڪري آئون ديدار علي اڪبري المشهدي جي هن نيڪ ڪم کي جس ڏيندي اهو به چوندس ته ايراني ادب ۽ خاص ڪري فارسي ۾ تمام گهڻو خزانو لڪل آهي، جنهن کي ترجمو ٿيڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان اسان جي فارسي ڄاڻندڙن کي اڳيان اچڻ گهرجي، سنڌ ۾ هن وقت فارسي جا ڄاڻو پڻ اٽي ۾ لوڻ برابر آهن، جيڪي آهن رب پاڪ انهن کي توفيق ڏئي ۽ سندن قلم کي جنبش ڏئي ته جيئن اهي هن جهڙا ٻيا ڪتاب به سامهون آڻين، ڇو ته هي ڪتاب رڳو مذهبي نه پر بنيادي انساني حقن بابت هڪ پڌرنامي جي حيثيت رکي ٿو ۽ ان کي پڙهڻ سان ڪافي مسئلا ختم ٿين ٿا، ان ڪري هي ڪتاب سڀني کي پڙهڻ گهرجي.