245

ساهتي پرڳڻي جو لازوال ڪردار الحاج زوار شهاب الدين ميمڻ…

ليکڪ: محمد اسماعيل ميرجت

باب الاسلام سنڌ هر دور ۾ علم ۽  عرفان جو مرڪز رهي آهي، سرزمين سنڌ جي عالمن ۽ اوليائن پنهنجي فيض سان امت مسلم کي مستفيض پئي ڪيو آهي، انهن بزرگن عالمن ۽ اديبن لاءِ ڪجهه لفظ لکڻ تي ويهندا آهيون ته قلم ساٿ ناهي ڏيندو ۽ ماڻهو سوچيندو آهي ته ان جي ڪهڙي رخ تي لکجي، ضلعي نوشهروفيروز جي ساهتي پرڳڻي  جي شهر درٻيلي جو هڪ ڪردار الحاج زوار شهاب الدين ميمڻ به آهي، سندس جنم درٻيلو نئون ۾ 13 اپريل 1929ع تي زوار علي نواز ميمڻ جي گهر ۾ ٿيو، اها ڪنهن کي خبر هئي ته هن جنم وٺندڙ ٻالڪ جو وجود گهڻن ماڻهن کي جهالت جي اوندهه مان ڪڍي علم جي روشني ۾ آڻيندو ۽ انهن کي روشن واٽون ڏسيندو رهندو، زوار شهاب الدين مشهور قانوندان هئڻ سان گڏوگڏ تاريخدان ۽ گهڻ پاسائين شخصيت هو، هن شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ درٻيلو نئون ۾ حاصل ڪئي ۽ انگريزي تعليم درٻيلو پراڻو هاءِ اسڪول مان مڪمل ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي لاءِ روانو ٿيو ۽ قانون جي اعليٰ ڊگري سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪيائين، عالم دين سان گڏوگڏ سنڌ جو نامور وڪيل ثابت ٿيو، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ لاهور وڃي رهيو ۽ ٿورو وقت فنانس کاتي ۾ پڻ نوڪري ڪئي، لاهور ۾ شام جو يا فارغ وقت تي اڪثر تمام وڏن وڏن عالمن سان ميل جول ڪندو هئو ۽ انهن عالمن جي محبت ۽ ڪچهرين زوار شهاب الدين کي متاثر ڪيو ۽ هن انهن عالمن مان گهڻو سکيو ۽ پرايو، 7 جولاءِ 1958ع ۾ نوڪري کي الوداع چئي وڪالت شروع ڪيائين، سول معاملن جو بهترين وڪيل ۽ تاريخدان هو، هن جون اسلامي تقريرون يا ڪهچريون دليل سان شروع ٿينديون هيون ۽ دليل تي ختم ٿينديون، هن سان جيڪو به هڪ دفعو ملندو هو ته پوءِ بار بار ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ لاءِ هرڪو سڪندو ۽ بيتاب رهندو هو، سندس علمي ڪاوشن ۾ لکيل ڪتاب علم جو اڻکٽ خزانو ۽ نئين نسل کي علم سان روشناس ڪرڻ لاءِ سڌي رستي وانگر آهن، زوار شهاب الدين غريبن جو همدرد هو، پاڻ نه کائي به مسڪينن جي مدد ڪندو هو ۽ شهر جي غريبن، مسڪينن، يتيمن ۽ درويش صفت ماڻهن سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو ۽ اهو محسوس نه ڪندو هو ته انهن پيرين اگهاڙن درويشن جا ڪپڙا ميرا آهن، يا هٿ خراب آهن، پاڻ اڳتي وڌي انهن سان ڀاڪر پائي ملندو هو، پاڻ سان گڏ ويهاري حال احوال ڪري ۽ خاطر توازع ڪرڻ ۾ فخر ۽ خوشي محسوس ڪندو هو، زوار شهاب الدين درٻيلو شهر ۽ ان جي ڀرپاسي جي ڳوٺن وارن کي گڏ ڪرڻ ۽ ميل ميلاپ لاءِ هڪ انجمن جو بنياد پنهنجي زندگي ۾ رکيو هو، جنهن جي ميٽنگ ڪري ادب ۽ اسلامي درس جا پروگرام رکيا ويندا هئا ۽ اها انجمن اڄ به قائم آهي، شايد ان جو سربراهه سندس فرزاند ڊاڪٽر ابصار حسين آهي ۽ والد جي ڇڏيل پروگرام کي اڳتي وڌائيندو رهي ٿو، درٻيلي شهر ۽ ان جي ڀرپاسي جي لکين ماڻهن جي دلين ۾ رهندڙ، غريب ۽ مسڪينن جو همدرد ۽ انسان دوست شخصيت جو مالڪ الحاج زوار شهاب الدين اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو، جنهن جي 6 هين ورسي درٻيلو نئون ۾ ملهائي پئي وڃي، جتي سنڌ جا عالم ۽ دانشور زوار جي زندگي تي روشني وجهندا.

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنواين،

آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين

جي جيءَ کي جارين، سي لاهوتي لڏي ويا

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو